ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي پريس ڪلب آڏو ڪيترن ئي ڏينهن کان احتججاج ڪندڙ اين ٽي  ايس پاس اميدوارن پاران آفر آرڊر  نه ملڻ خلاف سي ايم هائوس ڏانهن ٻيهر مارچ جي ڪوشش: پوليس سان چڪريون، رڪاوٽون ٽوڙي گورنر هائوس پهچي ڌرڻو هڻندڙ 125 اميدوار گرفتار، ان ڏس ۾  تعليم کاتي پاران جي ايس ٽي ۽ پي ايس ٽي  ڀرتي ڪرڻ لاءِ اين ٽي ايس معرفت ٽيسٽ ورتي وئي هئي، 65 کان وڌيڪ مارڪون کڻڻ باوجود 9 سالن کان نوڪريون نه ملڻ تان اميدوارن ڪراچي پريس ڪلب آڏو علامتي بک هڙتال شروع ڪئي هئي، ڪالهه اميدوارن حبيب سنڌي جي اڳواڻي ۾  ڪراچي پريس ڪلب کان سي ايم هائوس ڏانهن ٻيهر مارچ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي پوليس رڪاوٽون وڌيون، جيڪي ٽوڙڻ جي ڪوشش تان پوليس ۽ مظاهرين ۾ چڪريون ٿيون، پوليس احتجاج ۾  شريڪ اي جي پي اڳواڻ نظير قريشي سميت ڪجهه اميدوارن کي گرفتار ڪري ورتو، انهي دوران ڪجهه اميدوار رڪاوٽون ٽوڙي گورنر هائوس آڏو پهچي ويا، چئن ڪلاڪن تائين مظاهرين ۽ پوليس ۾ چڪريون جاري رهيون، پوليس 20 کان عورتن سميت سوا سو کن اميدوارن کي گرفتار ڪري ورتو هو، مظاهرين جو چوڻ هو ته انهن ٽيسٽ پاس ڪئي پر کين نوڪري ناهي ملي ، هنن مطالبو ڪيو ته کين آفر آرڊر جاري ڪيا وڃن.