ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي) تعليم کاتي جي ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن (ڊي اي اوز) پاران صوبي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي 2000 کان وڌيڪ  خالي جاين بابت کاتي جي اختيارين  کي آگاهه نه ڪرڻ جو انڪشاف، تعليم کاتي پاران سمورن ڊي اِي اوز ۽ ڊائريڪٽرن کي آخري وارننگ ڏيڻ باوجود اختيارين کي اڻپورا تفصيل موڪليا ويا، سيڪريٽري تعليم سمورن ضلعن جي آفيس سپرنٽينڊنٽس کي خالي جاين جي تفصيلن سميت طلب ڪري ورتو، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب تعليم کاتي  صوبي ۾ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين واري عمل کي جولاءِ مهيني جي شروعاتي ٻن هفتن اندر مڪمل ڪرڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو هو  پر سمورن ضلعن جي ڊي اِي اوز پاران هن وقت تائين اعليٰ اختيارين کي پنهنجن ضلعن  جي خالي جاين جا درست تفصيل نه پيا ڏنا وڃن، ذريعن موجب مختلف ضلعن جي ضلعي ايجوڪيشن آفيسرن پاران سيڪريٽري تعليم ڏانهن اماڻيل خالي جاين جي حتمي لسٽ ۾ به مجموعي طور تي 2 هزار کان وڌيڪ پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون سيٽون ڳجھيون رکيون ويون آهن، ذريعن موجب ڪافي ضلعن جي ڊي اِي اوز پاران شروعاتي رپورٽن ۾ وڌيڪ ۽ حتمي رپورٽ ۾ گھٽ سيٽون ظاهر ڪرڻ بعد سيٽون ڳجھيون رکڻ وارو معاملو ڦاٽو آهي، سيڪريٽري تعليم ڊي اِي اوز جي اهڙين حتمي لسٽن تي اعتراض واريندي لسٽون ٺاهيندڙ آفيس سپرنٽنڊنٽس کي گھرائي ورتو آهي، ان حوالي سان اڄ ڇنڇر تي ڪراچي ڊويزن جي سمورن ضلعن جي آفيس سپرنٽنڊنٽس ۽ سڀاڻي آچر تي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، ميرپورخاص ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزنن جي سمورن ضلعن جي آفيس سپرينٽنڊنٽس کي خالي جاين جي درست انگ اکرن سميت پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي. ان سلسلي ۾ سيڪريٽري تعليم اڪبر لغاري پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جون ڊي اِي اوز پاران اماڻيل لسٽون اڻپوريون قرار ڏنيون ويون آهن، رڳو ڪجهه ضلعن مان درست انگ اکر  مليا آهن، هن چيو ته ڪجهه ضلعا اهڙا به آهن جن جي شروعاتي رپورٽ کي هاڻوڪي رپورٽ سان ڀيٽائڻ دوران پتو پيو ته حتمي لسٽ ۾ سيٽون گھٽ ۽ شروعاتي لسٽ ۾ سيٽون وڌيڪ ڏيکاريون ويون هيون، هن چيو ته هاڻ تڪڙن بنيادن تي اهڙو مڪينزم جوڙيون پيا جيئن ڪو به ڊي اِي او ڳجھي رکيل سيٽ پنهنجي مرضي سان ڪنهن کي نه ڏئي سگھي. هن چيو ته آفيس سپرنٽنڊنٽس اڄوڪي ۽ سڀاڻي وارن اجلاسن ۾ خالي جاين بابت فائنل لسٽن جي تصديق ڪندا، انهي اجلاس بعد خالي ٿيندڙ هر سيٽ جي ڊي اِي اوز پاران سيڪريٽري کان لازمي منظوري ورتي ويندي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اسان طئه ڪيو آهي ته جولاءِ جي شروعاتي ٻن هفتن تائين پي ايس ٽيز ۽ جي اِي ايس ٽيز جي ڀرتين، آفر آرڊر ۽ جوائننگ ڏيڻ سميت اسڪروٽني وارا سمورا مرحلا مڪمل ڪيا وڃن، ڀرتي ٿيل استادن کي 3 کان 8 مهينن دوران مرحليوار پگھارون جاري ڪيون وينديون.