ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) وفاقي سرڪار توانائي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي خط لکي مارڪيٽون رات جو ساڍا 8، شادي هال ۽ ريسٽورنٽس رات ساڍا 10 وڳي بند ڪرائڻ جي هدايت ڪئي آهي، ان سلسلي ۾ ڪراچي جي ڪمشنر اقبال ميمڻ جو چوڻ آهي ته شادي هالز ۽ مارڪيٽن کي بند رکڻ بابت اڃا ڪو فيصلو ناهي ٿيو،  هوڏانهن واپارين ۽ شادي هالز مالڪن  وفاقي حڪومت جي اهڙي فيصلي کي رد ڪندي چيو آهي ته اهڙو فيصلو قبول نه ڪيو ويندو. واپاري اڳواڻ شرجيل گوپلاڻي چيو آهي ته واپاري اڳ ۾ ئي معاشي طور تي پريشان آهن، اسان حڪومت جو اهڙو فيصلو قبول نه ڪنداسين.