ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن ٽيم جو ڪراچي ميٽرڪ بورڊ جي آفيس تي ڇاپو، رڪارڊ ضبط، ڊپٽي ڪنٽرولر اڄ طلب، ان ڏس ۾ اينٽي ڪرپشن اولهه جي ٽيم ميٽرڪ بورڊ جي آفيس تي ڇاپو هڻي امتحانن جو رڪارڊ ضبط ڪري ورتو، ٽيم ڊپٽي ڪنٽرولر جي آفيس ۾ ملازمن کان پڇاڳاڇا ڪئي. اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڪارروائي دوران بورڊ جو چيئرمين ۽ ڪنٽرولر آفيس ۾ موجود نه هئا،  ڪارروائي دوران گذريل سال جي امتحانن جي نتيجن جو رڪارڊ ۽ دستاويز ضبط ڪيا ويا، اڄ ڊپٽي ڪنٽرولر کي به طلب ڪيو ويو. ڊپٽي ڊائريڪٽر فاروق بگٽي موجب شڪايتون مليون آهن ته رشوت وٺي مارڪون وڌايون ويون آهن، رشوت عيوض اي گريڊ ڏنو ٿو وڃي، اهڙين شڪايتن بعد جاچ شروع ڪئي آهي