ميرپور خاص/عمرڪوٽ/ڪنري  (نمائندن وٽان) پي ٽي آءِ اڳواڻ ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ ۽ اڳوڻي ايم اين اي لال مالهي چيو آهي ته عمران خان جنهن مقصد سان حقيقي آزادي مارچ ڪڍيو هو، انشاالله ان ۾ ضرور ڪامياب ٿينداسين، مخالف عمران خان کي مارڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو ناڪام ٿي ويا آهن، هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته حقيقي آزادي جي ضرورت ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ جي عوام کي وڌيڪ آهي، هنن چيو ته صحت کاتي جي ملازمن تي تشدد افسوس جوڳو عمل آهي، هنن چيو ته گهوٽڪي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن پوليس آفيسرن کي ماريو، لڳي ٿو ان جو پلاند ڪراچي ۾ ميڊيڪل عملي کان ورتو پيو وڃي، هنن چيو ته سنڌ حڪومت دعويٰ ڪري رهي آهي ته ٻوڏ متاثرن لاءِ لکين رپيا جاري ڪيا آهن پر حالت اها آهي ته اڃا ڪافي علائقن ۾ ٻوڏ جو پاڻي به نيڪال ناهي ٿي سگهيو، ٻئي پاسي حليم عادل شيخ سنڌ جي انقلابي شاعر جمن دربدر جي وڇوڙي تي روحل واءِ پهچي ۽ قومپرست اڳواڻ جي ايم ڀڳت جي والد جي وفات تي تعزيت ڪئي.