مارن ماٺ مياس

0
165
ڍڳو پير پيران...........!!

پابلو نرودا انقلابي شاعر هو. هن جي شاعري اميد جي آرسي آهي. هن جي هر لفظ ۾ هڪ جوش ۽ هڪ ولولو آهي. اهو ئي سبب آهي ته هن پنهنجي هڪ نظم ۾ لکيو هو:

“تون چئه ڪنهن صدارت ماڻڻ کان اڳ ۾

تون چئه ڪا وزارت وسائڻ کان اڳ ۾

تون چئه ڪا عدالت لڳائڻ کان اڳ ۾

قيامت ۽ قدرت جون ڳالهيون نه ڪر تون

قيامت کان تن کي ڪوئي خوف ناهي

انهيءَ چونڪ تي خون وهندو رهيو آ

انهيءَ چونڪ تي قاتلن کي سزا ڏيو

سزا ڏيو…..سزا ڏيو…..سزا ڏيو….!!”

                 هي نرودا جو اهو نظم آهي، جنهن جو اردو ترجمو اعتزاز احسن قومي اسيمبليءَ ۾ پڙهيو هو. ۽ صرف اهو هڪ نظم نه پر نرودا جو هر نظم هڪ آتش فشان آهي. پر هن صرف اميد سان نه نڀايو. هن اداسيءَ سان به انصاف ڪيو. اهو ئي سبب آهي ته هن جو پهريون شعري مجموعو “Twenty Love Poems and One Song of Despair” يعني (محبت جا ويهه نظم ۽ هڪ گيت غم جو) آهي. هن وقت منهنجي من ۾ هن جا جيڪي لفظ لڙڪ لاڙي رهيا آهن، اهي آهن “Tonight I can write the saddest lines” معنيٰ (اڄ رات  آئون تمام اداس سٽون لکي سگهان ٿو).

۽ ڇو نه؟ اميد وانگر اداسي به ته هڪ حقيقت آهي. انسان صرف مرڪ جو موتي ناهي. انسان لڙڪ جو اهو ڦڙو به ته آهي، جيڪو خاموشيءَ سان دامن جي ڌرتيءَ ۾ جذب ٿي ويندو آهي. هڪ اهڙي اداسي هن مهل سنڌ جي ٻڏل سرزمين مٿان ٿڪل آڙيءَ وانگر اڏامي رهي آهي. خاص طور تي جڏهن ڏينهن جو گوڙ ۽ گرمي گهٽجڻ لڳي. جڏهن سانجهيءَ جو سج سانت ۾ وسامڻ لڳي. جڏهن شام جي شفق جا پاڻيءَ تي پاڇا پوڻ لڳن ۽ ان مهل متاثر ماڻهن ۽ خاص طور تي عورتن ۽ ٻارن کي پنهنجا ڪچا پڪا گهر ياد اچڻ لڳن. جڏهن مڇرن جا ميڙ انهن مٿان حملا ڪرڻ لڳن. جڏهن تنور جي باهه ڏسي پيٽ ۾ بک جي باهه شدت اختيار ڪرڻ لڳي. تڏهن اداسيءَ جي اهڙي ڪيفيت پوري ماحول کي پاڻ ۾ ويڙهي ٿي وٺي، جيڪا ان ماڻهوءَ کي به مايوسيءَ جي ملهه ۾ دسڻ لڳي ٿي، جيڪو ماڻهو تمام گهڻو اتساهه ۽ اميدن جو آشيرواد ڏيندڙ آهي.

عوام ۾ ويسر جي عادت انقلابين ۽ باغين کي تمام گهڻي تڪليف ڏيندي آهي. جڏهن تبديليءَ لاءِ تڙپندڙ ماڻهو ڏسندا آهن ته اهي ڪانڊا ٽانڊا جيڪي ڪالهه ٽڙڪا ڏئي رهيا هئا ۽ اڄ اهي ٿڌي رک جيان آهن ته باغي مزاج ماڻهن مٿان مايوسيءَ جي لام فطري طور تي لڙڪي پوي ٿي. جيتوڻيڪ اها به حقيقت آهي ته جيڪڏهن عوام۾ اها ويسر جي عادت نه هجي ته انهن جو جيئڻ مشڪل بڻجي وڃي. ڇو ته هن مهل تائين عوام سان جيترا ڪوڙا واعدا ڪيا ويا آهن. عوام کي جيترا دوکا ڏنا ويا آهن. عوام کي جيترو آزاريو ويو آهي، جيڪڏهن انهن کي اهو سڀ ڪجهه هر وقت ۽ هر گهڙي ياد رهي ته هو جيڪر سولائيءَ سان ساهه به نه کڻي سگهن. اها ويسر شايد عوام جو سيفٽي وال آهي.

عوام کان جڏهن وسري وڃي ٿو ته ان جي ڪالهه انهن جي ڪاوڙ جا ڪهڙا رنگ ۽ امنگ هئا؟ تڏهن عوام جي جاڳي اٿڻ واري اميد تي جيئڻ وارا انسان اداس ته ٿيندا. اها ڪا نئين صورتحال ناهي. اهو پراڻو پاپ آهي. ان پيڙا جو ذڪر ڪندي لطيف سائينءَ به لکيو آهي ته:

“ڪالهوڪو ڪاڏي ويو؟ سندو جوڳين جوش”

اها حقيقت آهي ته جهڙي ريت ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌ ۾ ٻوڏ واري پاڻيءَ  ۾ هڪ شدت ۽ سرڪشي هئي، اها ساڳي روش سنڌ جي متاثر ماڻهن جي رڳن ۾ وهندڙ رت ۾ به هئي. انهن جو خون به تمام گهڻي خار ۾ هو. اهو  به هر سرڪاري منظر سان سر ٽڪرائي رهيو هو. ان سرڪاري صاحب کي کريون سڻائي رهيو هو. انهن کي للڪاري رهيو هو. انهن آڏو پرامن پر تمام سخت احتجاج ڪري رهيو هو. پر جهڙي ريت هن مهل سنڌ ۾ پاڻيءَ جي شدت ماٺي ٿي وئي آهي، تهڙي طرح سنڌي ماڻهن جي ڪاوڙ ۽ ڪروڌ جي ڪيفيت به ٿڌي ٿي وئي آهي. ڪالهه سنڌ حق ڇنڻ لاءِ ڇال ڏئي رهي هئي ۽ اڄ سنڌ پنڻ لاءِ پانڌ ڦهلائي رهي آهي. جڏهن تھ احتجاج معرفت ئي انصاف ملي سگهي ٿو. انصاف ايلازن سان حاصل ٿي نه سگهندو آهي. انصاف خيرات ناهي. انصاف بريانيءَ جي پليٽ يا راشن جو ڪٽو ناهي. انصاف هڪ اهڙو پئڪيج آهي، جيڪو ماڻهن جي سورن ۽ پورن کي پنهنجي فطري توازن ۾ آڻي ٿو.

سنڌ کي سرڪاري فضل نه پر آئين ۽ قانون وارو عدل گهرجي. سنڌ جو جيترو نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو ويهه پنجويهه هزار نه ٿا ڪري سگهن. حڪمرانن جي غلطين، غفلتن ۽ ڪرپشن جي ڪري پراڻي سنڌ ته ايئن ميسارجي وئي آهي، جيئن سمنڊ ڪناري واريءَ جو گهر ميسارجي ويندو آهي. پراڻي سنڌ ته وئي پاڻيءَ ۾. هن مهل نئين سنڌ کي جوڙڻ کان سواءِ ٻي ڪا به راهه نه رهي آهي ۽ اسان کي اهو به سمجهڻ گهرجي ته نوان سماج نون خيالن ۽ نون خوابن ۽ نون احساسن ۽ امنگن سان وجود ۾ ايندا آهن. جيڪڏهن ايئن نه هجي ها ته اقبال اهي امرت جهڙا لفظ ڇو لکي ها:

“جهان تازه ڪي افڪار تازه سي هي نمود

ڪه سنگ خشت سي هوتي نهين جهان پيدا”

يعني: نئون جهان نئين فڪر سان جڙندو آهي

جهان ڀتر ٺڪر سان پيدا نه ٿيندا آهن!

ساڳي طرح سان نئين سنڌ به نئين سوچ سان پيدا ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن سنڌ پنهنجي سوچ جو انداز تبديل نه ڪيو اها نئين سنڌ ڪڏهن به پيدا ٿي نه سگهندي، جنهن نئين سنڌ جا سنهيا اسان کي صدين ۽ سالن کان ملندا رهيا آهن.

سنڌ جي عوام جو جيترو نقصان ٿيو آهي، ان جو ازالو هڪ نئين سنڌ کان سواءِ ٻيو ٿي ئي نه ٿو سگهي. ڇا پنهنجي وطن ۾ بي گهر ۽ دربدر انسانن کي ازالي ۾ صرف ويهه ڪلو اٽو ۽ ڏهه ڪلو چانور ۽ هڪ ڪلو آئل ملندو؟ ڇا اسان جي تاريخي ديس جي خون بها صرف ايتري آهي؟ ايتري خون بها ته ناظم جوکيو جي وارثن به نه ورتي آهي. جيڪڏهن هڪ انسان جي قتل جي قيمت لکن ۾ طئي ٿي سگهي ٿي ته هن ديس کي پاڻيءَ ۾ ٻوڙي مارڻ جو ڏوهه صرف ڏهه ويهه هزار ۽ راشن جا ٻه ڪٽا؟ ان کان ته اسان جو عوام ڀرم سان بک مري وڃي.

ڇا اهو انصاف آهي؟ اهو ته آپگهات آهي. اهو آپگهات جنهن جي لاءِ اياز لکيو آهي:

“هن آپگهات کان بهتر هو

هو توکي ڦاهيءَ چاڙهن ها”

هيءَ خيراتي خودڪشي سنڌ ديس جي خون بها نه ٿيڻ گهرجي.

سنڌ جا ماڻهو انصاف چاهن ٿا. انهن سان انصاف ڪيو وڃي. انهن کي پنهنجا گهر گهاٽ ۽ گذر سفر جا وسيلا به ڏنا وڃن ۽ ان سان گڏ سنڌ جي ماڻهن کان معافي به ورتي وڃي. پر ان جي اميد دور دور تائين به نظر نه ٿي اچي. ڇو ته اسان جي عوام جو جوش وسامي ويو آهي.

عوام جو جوش ويو ته حڪمرانن جو خوف ويو. هاڻي  ٻاهرين امداد پنهنجا ابتدائي مرحلا اڪري رهي آهي ۽ اسان جا حڪمران پنهنجن ٻرن مان نڪري نخرن جي نمائش ڪرڻ لڳا آهن ۽ چوڻ لڳا آهن ته عوام کي اڪيلو نه ڇڏينداسين. جڏهن ته ان مهل انهن عوام کي اڪيلو ڇڏي ڏنو، جڏهن اڱڻ جي ڀت ڀري رهي هئي. جڏهن گهر جي ڇت ڪري رهي هئي. جڏهن رهزن ريلن ۾ سنڌ جي ماڻهن جو مال لڙهي رهيو هو. جڏهن معصوم ٻار ٻري ۾ ٻري رهيو هو، ان مهل ته سنڌي ماڻهن جي آس پاس ڪو به نه هو. هن مهل جڏهن امداد جي اچڻ جو امڪان پيدا ٿيو آهي، تڏهن “ڪان ڪان” ڪندڙ ڪانون سان پورو آسمان ڀرجي ويو آهي.

ڇا اسان جي عوام کي اڃان تائين اهو پتو نه پيو آهي ته هي امداد ڏيڻ جو نه پر انهن جي امداد کائڻ جو وقت آهي. هي اهي حڪمران آهن، جيڪي پرڻو گهٽ ۽ مرڻو وڌيڪ کائيندا آهن. هن وقت به جيڪڏهن سنڌ جي ماڻهن پنهنجي پراڻي روش واري راهه نه ڇڏي، انهن کي نئين منزل نه ملي سگهندي. جنهن منزل جو پتو اسان کي لطيف جي لفظن ۽ اياز جي اکرن مان مليو آهي. جنهن منزل جا خواب ۽ خيال صدين جو سفر ڪندي اسان تائين پهتا آهن، انهن کي حقيقت ۾ آڻڻ ۽ انهن جو معراج ماڻڻ ئي سنڌ سان انصاف آهي.

اسان هن وقت تائين ڪيترا نه گيت ٻڌا آهن. اهڙا انقلابي ۽ اهڙا گلابي گيت جن جا سر سرخ هئا. اهي لفظ اسان کي اداس اکين سان تڪي رهيا آهن. انهن لفظن کي ڊپ آهي ته جيڪڏهن هن ڀيري به سنڌ پنهنجي حصي جو حق نه ورتو ته پوءِ صدين تائين اميد جو انت اچي ويندو.

اسان ڪيترا نه ڪانن جيان ڪڙ ڪڙ ڪندڙ ٻول ٻڌا آهن. اڄ انهن کي ياد ڪرڻ تمام اهم ۽ ضروري آهي. اسان کان اسان جا اهي قول ۽ قرار ڪنهن به قيمت تي نه وسڻ گهرجن. جن جي هڪ ننڍڙي جهلڪ اياز جي انهن لفظن ۾ به آهي:

“ڀيڙو آهي، ڀنڀرڪو

ڄر ڄراٽو، ڄرڪو

آجو ٿيندو هرڪو

هر مزدور ڪسان”

اڄ اها پرهه ٻڏل سنڌ جي پانڌ ۾ آهي. اڄ سنڌ هڪ سڏڪو نه هڪ صدا ٿيڻ گهرجي. اڄ سنڌ پرامن پر پرعزم ۽ مڪمل طور تي پنهنجي جدوجهد جي راهه تي مست ۽ متوالي نظر اچڻ گهرجي.

سنڌ سدائين سانت ۾ سور سٺا آهن. اڄ سنڌ کي احتجاجي آواز بڻجڻو پوندو. اڄ سنڌ کي پنهنجي روايتي سستي ۽ درگذر وارو دڳ تبديل ڪرڻو پوندو. اڄ سنڌ کي خاموشي ختم ڪري حڪمرانن ۽ انهن جي ڪمدار ڪامورن جي اکين ۾ اکيون وجهي پنهنجو حق وٺڻو پوندو. سنڌ صدا بڻجي. سنڌ احتجاج جي ادا بڻجي. سنڌ سورن کي سينگار بڻائي ۽ پنهنجي حق لاءِ نون نعرن جا ڳيچ ڳائي. جيڪڏهن اڄ سنڌ وري به حڪمرانن جي ڪوڙي همدرديءَ جي حوالي ٿي وئي ته اهو هڪ عظيم الميو هوندو. سنڌ هاڻي ڪو به دوکو ۽ ڪو به دولاب سهڻ جي سگهه نه ٿي رکي. سنڌ کي هيءَ ماٺ ماريندي. سنڌ کي صرف احتجاج جي صدا ئي جيئاريندي.