ڏهرڪي: گهوٽڪي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ ماريل ٻن سڳن ڀائرن جا لاش رهڙڪي آندا ويا، وارثن جون دانهون، پوليس مقابلو ڪوڙو قرار. خبر موجب گذريل رات دير سان گهوٽڪي پوليس مبينا مقابلو ڄاڻائي 5 ڄڻن کي فل فراءِ ڪريو ڇڏيو، جن ۾ رهڙڪي جي ڳوٺ قبول کونهارو جا رهواسي  ٻه سڳا ڀائر اختيار ۽ سچل سولنگي شامل آھن. مارجي ويل ٻنهي ڀائرن جا لاش  ڳوٺ آندا ويا ته روڄ راڙو پئجي ويو. ان موقعي تي ٻنهي ڄڻن جا معصوم ٻارڙا اڀ ڏاريندڙ دانهون ڪندا رهيا. سچل سولنگي جي پٽ سڪندر ٻڌايو ته رات اٺين وڳي تائين بابا رابطي ۾ هو. هن چيو ته مان سکر پهتو آھيان. ڪلاڪ کانپوءِ نمبر بند ٿي ويا. هن چيو اسان کي يتيم ڪيو ويو آھي. سچل ۽ اختيار مزدوري ڪري اسان جو پيٽ پاليندا هئا. ٻنهي ڄڻن جي وارثن چيو ته هو سيوهڻ زيارت تي ويل هئا. پوليس ظلم ڪري اسان جا ڪونڌر ڪهي ڇڏيا آھن. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف انڪوئري ڪئي وڃي.