سمرقند (م ڊ) شنگهائي تعاون تنظيم ماحولياتي تبديلي جا اثر روڪڻ لاءِ هنگامي قدمن، گرين هائوس گيسز جو خارج گهٽائڻ ۽ گڏيل واپار ۾ مقامي ڪرنسي جو حصو واڌائڻ تي اتفاق ڪندي چيو آهي ته پيرس ماحولياتي معاهدو گڏيل پر مختلف ذميوارين سان لاڳو ٿيڻ گهرجي. ازبڪستان جي تاريخي شهر سمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهي اجلاس ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان، ڀارت، روس، چين ۽ ترڪيه سوڌو ميمبر ملڪن جي سربراهن شرڪت ڪئي، ذريعن موجب پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم جي پليٽ فارم تان موسمياتي تبديلي روڪڻ لاءِ منصوبي جي تجويز ڏني، جنهن جي تاجڪستان، ازبڪستان، ايران ۽ منگوليا پاڪستان جي تجويز جي حمايت ڪئي. اجلاس جي گڏيل پڌرائي موجب پيرس ماحولياتي معاهدو گڏيل پر مختلف ذميوارين سان لاڳو ٿيڻ گهرجي. اجلاس ۾ ميمبر ملڪن گڏيل معاملن ۾ مقامي ڪرنسي جو حصو وڌائڻ واري روڊ ميپ جي منظوري ڏني جڏهن ته گرين هائوس گيسز خارج ڪرڻ ۾ گهٽتائي آڻڻ لاءِ هڪٻئي جي مدد تي اتفاق ڪيو. پڌرائي موجب شنگهائي سهڪار تنظيم جي ميمبر ملڪن توانائي واري شعبي جو انفراسٽرڪچر  بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ۽ گلوبل انرجي جي نگراني جو شفاف نظام جوڙڻ جو مطالبو ڪيو. پڌرائي ۾ واپار ۽ سيڙپڪاري محدود ڪرڻ لاءِ موسمياتي ايجنڊا جو استعمال ناقابل قبول قرار ڏنو ۽ چيو ته نقصانڪار گيسز جي خارج ۾ گهٽتائي لاءِ زبردستي وارا قدم سهڪار کي نقصان رسائيندا، زوري کنيل قدم موسمياتي چيلينجز کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت کي ڪمزور ڪندا آهن. پڌرائي موجب ماحولياتي تبديلي جي ناڪاري نتيجن کي روڪڻ لاءِ هنگامي قدم کڻڻ جي ضرورت آهي، ميمبر ملڪ گرين هائوس گيسز خارج ۾ گهٽتائي ۽ ترقي ۾ توازن جي وڪالت ڪندا آهن، پيرس معاهدي جي مڪمل ۽ اثرائتي عمل لاءِ ڪم ڪرڻ تي تيار آهن.

سمرقند (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ڪنهن به ٻوڏ ۾ ايتري تباهي ناهي آئي جيتري پاڪستان ۾ تازي ٻوڏ جي نتيجي ۾ آئي آهي، موسمياتي تبديلين جي اثرن جي قيمت پاڪستان ٻوڏ سبب تباهڪارين جي صورت ۾ ادا ڪئي آهي، ڇا هيءَ آفت ۽ تباهي پاڪستان لاءِ آخري هوندي يا ٻين ملڪن کي به اهڙي صورتحال کي منهن ڏيڻو پوندو. شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ خطاب ڪندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته افغانستان پاڪستان جو پاڙيسري آهي، افغان امن پاڪستان ۾ امن جو ضامن آهي، افغانستان ۾ امن ٿيندو ته خطي تي پڻ هاڪاري اثر پوندا، هن وقت افغانستان کي نظرانداز ڪرڻ تمام وڏي غلطي هوندي، عالمي برادري افغانستان ۾ اقتصادي ۽ معاشي استحڪام لاءِ ڪم ڪري، انساني امداد کانسواءِ عالمي برادري کي پائيدار افغان معيشت لاءِ به سپورٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان سلسلي ۾ افغانستان جا منجمد اثاثا به بحال ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، دهشتگردي  جي خاتمي لاءِ سمورن ملڪن کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون. شهبازشريف  افغان حڪومت تي به زور ڀريو ته افغان حڪومت سمورن شعبن جي ماڻهن کي حڪومت جو بڻائيندي سمورن شهرين ۽ معاشري کي سمورن طبقن خاص طور عورتن جي انساني حقن جو احترام ڪري. پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهڪارين تي ڳالهائيندي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي مچائي آهي، ملڪ ۾ ٻوڏ سبب 400 ٻارن سميت 1400 انسان اجل جو شڪار بڻيا ۽ وڏي پيماني تي انفراسٽرڪچر ۽ فصلن کي پڻ نقصان رسيو. هن چيو ته هن ڏکئي وقت ۾ دنيا کي اسان جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو. وزيراعظم شهباز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان شنگهائي سهڪار تنظيم جي سمورن ميمبر ملڪن سان گڏ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خاتمي لاءِ ڪم ڪرڻ لاءِ  پرعزم آهي. شهباز شريف چيو ته ٻوڏ ۽ برساتن جو پاڻي هر هنڌ موجود آهي، جنهن سبب مليريا، ڊينگي ۽ ٻيون بيماريون پکڙجي رهيون آهن. شهباز شريف پنهنجي خطاب ۾ چيو ته موسمياتي تبديلي جي اثرن جي سزا پاڪستان ڀوڳي رهيو آهي، ايندڙ نسلن جي مستقبل کي محفوظ بڻائڻ لاءِ موسمياتي تبديلي خلاف منصوبو بڻائڻ هوندو، هن چيو ته شهنگائي سهڪار تنظيم اجلاس علائقائي مسئلن جي حل لاءِ بهترين فرم آهي، تنظيم ۾ نون ملڪن کي شامل ٿيڻ تي وڌايون پيش ڪريان ٿو.