ماحولياتي تبديليون، ھٿراڌو آفتون ۽ سنڌ

0
189
حب الوطني جو لازوال ڪردار مارئي

 گڏيل قومن جو جنرل سيڪريٽري انتونيو گوتريس ٻوڏ صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل هو جنھن پاڪستان ۾ ٻوڏ صورتحال خاص طور تي  سنڌ ۽ بلوچستان جون حالتون ڏسندي اھو واضح چيو آھي ته پاڪستان ماحولياتي تبديلين جي تباھي کي منھن ڏئي رھيو آھي. اڄ پاڪستان موسمي تبدلين جي تباھھ ڪارين کي منھن ڏئي رھيو سڀاڻي ٻيو ڪو ملڪ متاثر ٿي سگھي ٿو، انھي ڪري ماحولياتي تبديلين جي خطرن کي منھن ڏيڻ لاءِ دنيا جي سڀني ملڪن کي گڏ ڪم ڪرڻو پوندو. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل جي ڳالھين جي روشني ۾ ڏسجي ته  ھن وقت سموري دنيا ماحولياتي تبديلين جي اثر ھيٺ آيل آهي، دنيا جا جيڪي ڏھھ ملڪ ماحولياتي تبدلين سبب تباھھ ڪارين جي نشاني تي آهن انهن ۾ ھڪڙو ملڪ  پاڪستان پڻ آهي ھن وقت  ماحولياتي تبديلين سبب دنيا جا جيڪي مختلف خطا تباھي ڏانهن وڌي رھيا آهن.انهن خطن ۾ پاڪستان سرفھرست آھي پر انڊيا سميت ايشيا جا ٻيا ملڪ پڻ تباھي کي منھن ڏيندا رھن ٿا پيا.

سال 2022ع ۾ ماحولياتي تبديلين سبب تباھھ ڪارين جاجيڪي مختلف انگ آکر سامهون آيا آهن انھن انگ اکرن سموري دنيا کي پريشان ڪري ڇڏيو آهي. ماحوليات تي ڪم ڪندڙ مختلف عالمي تنظيمن توڙي اقوام متحده  دنيا جي مختلف ملڪن ۽ خطن کي اڳي ئي خبردار ڪيو ھوته جيڪڏهن گرين ھائوس(زھريلين گئسن)جي اخراج کي نه روڪيو ويو ته ايندڙ ڏينهن ۾ دنيا جي مختلف خطن کي اڃان به وڌيڪ تباهي جو منهن ڏسڻو.پوندو ۽ قدرتي آفتون مختلف خطن کي لپيٽ ۾ آڻينديون .موسمي تبديلين جي حوالي سان جائزو وٺجي ته فطرت سان ھٿ چراند وڻن جي واڍي گرين ھائوس گيسن جي اخراج سبب عالمي گرمي پد ۾ 1.5 سينٽي گريڊ واڌارو آيو آهي.ماحولياتي تبديلين جي ڪري ھلندڙ سال ايشيا جي ملڪن ۾تيز برساتن تباهي آندي آهي جنهن ۾ چين ۽ انڊيا جون مختلف رياستون  پاڪستان ۽ بنگلاديش جاصوبا تمام گهڻو متاثر ٿيا آهن. انهن خطن ۾ تيز برساتن جي وھڪرن سبب ٻوڏ واري صورتحال آهي چين ته پنهنجي ضلعن ۾ زبردست ريسڪيو  آپريشن ڪيو آهي پر پاڪستان ۾سنڌ بلوچستان صوبا شديد  ٻوڏ واري صورتحال مان  گذري رھيا آهن انهن صوبن ۾ شھر۽ ڳوٺ ٻڏي ويا آهن. ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ مجموعي  طور تي 30بلين جو نقصان ٿيو آھي

پاڪستان ۾ ھڪڙي تباھي موسمي تبدلين جي ڪري آئي آھي ته  ٻيو انھي جو سبب ھٿراڌو  آفت آھي خاص طور تي سنڌ انھي کان متاثر ٿي آھي. سنڌ ۾ تباھي جا ھانءَ ڏاريندڙ منظر ھٿرادو طريقي سان شھرن ڳوٺن کي ٻوڙڻ مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته سنڌ ۾ ماحولياتي تبدلين جا اثر ضرور رونما ٿيا آھن پر ھٿرادو طريقي سان آندل آفتن کان  ڪيئن انڪار ڪري سگھجي ٿو.  مڃون ٿا موسمي تبديلين جي ڪري  سنڌ تباھي ڏانھن وڌي رھي آھي  پر ھي ھٿرادو آفتن کي ڪيئن منھن ڏئي  سگھجي ٿو؟ جو سموري سنڌ جو انفرااسٽريڪچر  ھٿرادو آفت جي ڪري تباھھ برباد ٿي ويو آھي. ھن وقت اقوام متحده سميت سمورا عالمي ادارا، مختلف عالمي تنظيمون ڌرتي ۽ماحوليات کي بچائڻ لاءِ ڪوششون وٺي رھيون آهن پر اھي ڪوششون ھاڻي ناڪافي آهن. ماحولياتي تباهي جو اھم  ڪارڻ فطرت  سان ھٿ چراند آھي  سنڌ پڻ فطرت سان ڪيل ھٿ چراند جو ڪيتو لوڙھي پئي. سنڌ ۾ اڪثر توهان ڏٺو ھوندو ته اتي ھر روز ٻيلا ڪٽجي رھيا آهن وڻ وڍجي رھيا آهن صنعتون دونھن اوڳاڇي رھيون آهن گئسن جي اخراج سبب ماحولياتي آبي گدلاڻ ۽ فضائي گدلاڻ جنم  ورتو آهي. دريائي پاڻي۾ زھريلي ڪيميائي مادي جي ڇوڙ سبب نديون ۽ ڍنڍون گند ڪچري سان ڀرجي ويون آهن پاڻي جا قدرتي وھڪرا ۽ لنگھھ بندآھن.ان ڪري اسان جي سنڌ جي ماحولياتي خطري ھيٺ رھي آهي انھي ڪري اسان جيڪي ھي  تباھ ڪاريون ڏسون پيا ان جو ذميوار اسان پاڻ آھيون. ڌرتي جي گرمي پد ۾اضافي سبب موسمن ۾ تبديلي اچڻ هڪ فطري عمل آهي.

عالمي گرمي  پد ۾ واڌاري سبب  سموري دنيا  ۾ تباھيون ٿي رھيون آھن. گذريل سال آمريڪا  ۽ ڪئنيڊا جون رياستو شديد گرمي جي لپيٽ ۾  ھيون جنھن سبب اتي جي مختلف رياستن ۾ ٻيلن ۾ باھھ لڳڻ جا مختلف واقعا پڻ رونما ٿيا.عالمي وايو منڊل ۾ وڌندڙ گرمي پد سبب  گذريل سال ترڪي جي مختلف صوبن ۾ باھھ لڳڻ جا 270 واقعا رپورٽ ٿيا ھيا انھي باھھ جي واقعن ۾ 36 ھزار ماڻهن کي محفوظ جڳھين ڏانهن منتقل ڪيو ويو ھو .جڏهن ته ترڪي ۾ لڳندڙ باھ ھ جي واقعن يونان اسپين ۽ اٽلي کي پڻ متاثر ڪيو ھو.ترڪي جا 55 ھزار ايڪڙ تي بيٺل ٻيلا  مڪمل طور تي تباھھ ٿي ويا آهن ترڪي  يونان اسپين ۽ اٽلي جي ٻيلن ۾ باھ لڳڻ جي واقعن سبب اتان جا ناياب جانور ۽ پکي جن ۾ سھا لومڙ چيتا مرغيون ختم ٿي ويا. موسمي تبدلين جي اثر جي ڪري  ٻين ملڪن جيان يونان ھن وقت شديد قدرتي آفتن جي لپيٽ ۾ آيل آهي . ھن سال موسمي تبديلين جي اثر سبب گذريل سال جرمني بيلجيم لنڊن نيوزيلينڊ ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ تيز ترين برساتن وڏي تباهي آندي آهي. انھن ملڪن ۾ ٻوڏ واري صورتحال سبب ڪاروھنوار ۽سمورو نظام ڊانواڊول ٿي ويو ھو ۽ ھن سال ايشيا جا ملڪ شديد برساتن جي لپيٽ ۾ آيل آھن.اھڙي ريت ماحولياتي تبديلين سبب مختلف ملڪن ۾ تباھه ڪارين جو ھڪ سلسلو ھلندڙ آهي. سنڌ پڻ ھن سال موسمي تبديلين جي اثر جي ڪري تمام گھڻو ڀوڳيو آھي. موسمي تبديلين سبب سنڌ جي انڊس ڊيلٽا تباهھ ٿي رھي آهي . سنڌ ۾ ھن سال جون مھيني تائين پاڻي جي سنگيـن کو ٽ رھي، پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ سوڪھڙي جو شڪار بڻيل  رھي ۽ سنڌ جي زراعت تباهه ٿي ويئي  ان کان پوءِ تيز برساتن سنڌ کي ٻوڙي ڇڏيو گذريل ڏھھ سالن کان سمنڊ ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ جي سطح ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رھي آهي. اھڙي ريت سمنڊ سنڌ جون زمينون کائي رھيو آهي. سمنڊ جي سطح وڌڻ سبب سنڌ جا سامونڊي علائقا  وڌ ۾ وڌ متاثر ٿي رھيا آهن . ٿر ۾ ڪجھھ سالن کان گھث برساتون پوڻ سبب ٿر جو صحرا پڻ وڌي رھيو آهي .ماحولياتي اثرن سبب ٿر جي جھنگلي جيوت پڻ متاثر ٿي آهي ۽ ڪيترائي مور پڻ مري ويا جڏهن ته شديد گرمي سبب ٿر ۾ جر جي پاڻي جي سطح ھيٺ ھلي ويئي  آهي. اھڙي ريت ٿر جي کوھن ۾ جر جو پاڻي ختم ٿيندو پيو وڃي۽ انھن کوھن ۾ پاڻي اڻلڀ ٿيندو پيو وڃي.

مجموعي طور تي موسمي تبديلين جي اثر سبب  سنڌ جو زرعي توڙي معاشي سسٽم تباهه ٿي ويو آهي. ماحولياتي گدلاڻ باعث عالمي گرمي پد ۾ واڌ ايتري قدر اچي چڪي آهي جو سموري ڌرتي جو وايو منڊل مٽجي ويو آهي.ھن وقت جيڪي عالمي ماحولياتي تبديليون اچي رھيون آهن ان ۾ وڌ ۾ وڌ ڌرتي جو ايڪو سسٽم متاثر ٿيو آهي ۽پوري بايو ڊائيورسٽي تباھھ ٿي وئي آهي.  بھرحال قطع نظر climate change جي اثرن جي حوالي سان2015 ع اقوام متحده سميت دنيا جي عالمي ادارن دنيا جي سمورن ملڪن کي خبردار ڪيو ھو ته موسمي تبديلين سبب 2040 ع تائين دنيا ۾ وڏيون تبديليون اينديون۽ ماحولياتي تبديلين سبب ھن ڌرتي تي وڏيون تباهه ڪاريون اينديون. گرمي پد ۾ مسلسل واڌ سبب گليشئر تيزي سان ڳرڻ شروع ڪندا .جنهن سبب ڌرتي جامختلف خطا دريائي ٻوڏن جو شڪار ٿيندا  پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيندي مندائتا مينهن نه پوندا دنيا جا مختلف خطا پاڻي جي شديد کوٽ کي منهن ڏيندا۽ ڌرتي سوڪھڙي جو شڪار ٿيندي ۽ بنجر بڻجي ويندي. هن سال موسمي تبديلين ۽ وڌندڙ گرمي پد جي ڪري توهان ڏٺوته مختلف خطن ۾ ٻوڏن سميت قدرتي آفتون آيون آهن. تيز برساتن سيلاب طوفانن ٻيلن ۾ لڳندڙ باھھ  جي واقعن ۽ ٻين مختلف قدرتي آفتن جي ڪري ھن ڌرتي(دنيا) جا ڪروڙين  ماڻهو دربدر ۽ بي گهر ٿي چڪا آهن. اهو ئي سبب آهي جو دنيا ۾ موسمي تبديلين جي اثر سبب پاڻي ۽ خوراڪ جي کوٽ جهڙن اجگر مسئلن کي منھن ڏيڻو پئجي رھيو آهي. موسمي تبديلين جو اثر سموري دنيا جي خطن۾انساني آبادي، پکي پکڻ توڙي زراعت تي پڻ پيو آهي.

اهڙي ريت موسمي تبديلين جا اثرڌرتي توڙي انساني وسيلن تي اثر انداز ٿي رهيا آهن. انھي ڪري عالمي سطح تي اڀرندڙ ماحولياتي مسئلن کي سمجهڻ انهيَ تي قابو پائڻ لاءِ اڳواٽ رٿابندي ڪرڻ سرڪاري سطح تي مربوط پاليسيون مرتب ڪرڻ ۽ ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ماحول دوست پاليسين جي آگاھي ۽ماڻهن ۾ شعور اجاڳر ڪرڻ لاءِ تحرڪ وٺڻ جي ضرورت آھي. ماحوليات کي بچائڻ لاءِ دنيا جامختلف ملڪ جيتوڻيڪ  سرگرم آهن ۽ اسان جو ملڪ پاڪستان پڻ ماحوليات کي بچائڻ لاءِ پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪري رھيو آهي.بنيادي سوال اھو آهي ته دنيا ۾ ماحولياتي تبديلين  سبب جيڪي تباهه  ڪاريون آيون آهن ته گلوبل ڪلائميٽ ايڪشن ۾ سنڌ ڪٿي بيٺل آهي؟ انهيَ سوال تي سنجيدگي سان غور ڪرڻ جي ضرورت آهي.موسمي تبديلين سبب جتي دنيا جا ٻيا خطا تباھھ ڪارين کي منهن ڏئي رھيا آهن اتي موسمي تبديلي جي اثر هيٺ آيل سنڌ ۽ ٻوڏ جي حالتن کي پڻ سمجهڻ جي ضرورت آهي. موسمي تبديلين جي ڪري سنڌ جا ماڻهو مختلف وقتن تي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيندا رهيا آهن. ھي ھڪ اھم سوال آهي ته سنڌ جي اختيار ڌڻين پاران موسمي تبديلين جي اثرن کان بچڻ ۽ ڌرتي تي ايندڙ امڪاني تباهه ڪارين کان بچڻ لاءِ ڪا رٿابندي ڪئي ويئي آهي؟ .جيڪڏهن دنيا جا مختلف ملڪ۽ اسان موسمي تبديلين جي اثرن کان بچڻ چاهيون ٿا ته اسان کي گرين ھائوس گيسز جي اخراج کي روڪڻ لاءِ عملي قدم کڻڻو پوندو. وڻن جي واڍي کي روڪڻو پوندو، دنيا جي مختلف خطن جي شهرن ڳوٺن ۾ وڻ پوکڻ لاءِ جاڳرتا مهم شروع ڪرڻي پوندي،فطرت سان هٿ چراند ڪرڻ بند ڪرڻو پوندي،صنعتي گدلاڻ کي روڪڻ لاءِ سگهاري رٿابندي ڪرڻي پوندي، سمنڊن ۾ مٺو پاڻي ڇڏڻو.ڌرتي ۽ ماحوليات کي بچائڻ لاءِ دنيا سان گڏ ڪلهو ڪلهي۾ ملائي هلڻو پوندو ۽ موسمي تبديلين جي اثر کان بچڻ لاءِ فطرت کي سمجهڻو پوندو ۽ فطرت (Nature ) سان دوستي ڪرڻ لاءِ اسان سڀني کي پنهنجي پنهنجي حصي جو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.ماحولياتي تبدلين سبب  دنيا ۾ وڏيون تباهھ ڪاريون اوس اچڻيون آھن انھي ڪري سنڌ ۾رھندڙ ماڻهن کي ماحول جي تحفظ لاءِ پنهنجو گھربل ڪردار ادا ڪرڻو پوندو