ماتلي (ن پ ا) ماتلي جي چانڊيا پاڙي جي رهواسين پاران سندن پاڙي ۾ گذريل 3 مهينن کان سوئي گئس بند هئڻ خلاف هٿن ۾ ڪاٺيون ۽ ڇيڻا کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، ميڊيا سان ڳالهائيندي علائقي واسين جو چوڻ هو ته گذريل برساتن کان وٺي سندن پاڙي جو گئس بند آهي جنهن سبب هو ڪاٺيون ۽ ڇيڻا ٻارڻ تي مجبور ٿي ويا آهن، علائقي واسين جو وڌيڪ چوڻ هو ته سوئي گئس جي مقامي انتظاميه فارملٽي پوري ڪرڻ لاء هر هفتي ڪنهن نه ڪنهن جڳهه تي رڳو کڏا کوٽي ٿي پر گئس لائين کي ٺاهڻ لاء وٽن مستقل حل لاء ڪا به پلاننگ ناهي رڳو هر هنڌ کڏا کوٽي ڳرا بل ٺاهي هڙپ ڪيا پيا وڃن، مظاهرين پاران سندن علائقي ۾ گئس جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي گهر ڪئي وئي آهي.