ماتلي (ن پ ا) ماتلي جي وچ شھر ۾ الله واري چوڪ وٽ ڪچري جي ڍير کي لڳل باھ ڀر وارن دڪانن کي پنهنجي گھيري ۾ آڻي ڇڏيو جنهن جي ڪري 8 ڪچا دڪان ۽ پڙيون سڙي ويون . اطلاع تي فائر برگيڊ جي گاڏي پھچي باھ تي ضابطو آڻي ڀروارن گھرن ۽ آفيسن کي سڙڻ کان ته بچاء ورتو پر  مرغي جي گوشت ڀاڄين ، پان جي ڪيبن ، ڪپڙي جي دڪان سميت 8 ڪچا پڪا دڪان سڙي ويا شاھد  ابلو خاصخيلي ۽ جاويد ٻڌايو ته دڪانن جي پٺيان رکيل ڪچري کي بجلي شارٽ سرڪٽ مان باھ لڳي جنھن ڪري اسان دڪان مڪمل سڙي رک ٿي ويا آھن اسان جو ھزارين روپين پيل سامان سڙي رک ٿي ويو آھي.