ماتلي (رپورٽ: نياز خاصخيلي) ماتلي شھر جي ڪشميري پاڙي ۾ 30 ورھين جي عورت مسمات سائره ڪشميري جو سندس گھر مان لاش ھٿ آيو آهي جنهن جي وارثن پاران قتل جو شڪ ظاهر ڪيو ويو آهي. سائره جو لاش ڏسي وارثن پوليس کي اطلاع ڏنو پوليس لاش پوسٽ مارٽم لاء  تعلقي اسپتال ماتلي آندو، جتي ڊاڪٽرن جي ٽيم جوڙي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو. ڊاڪٽرن پاران ابتدائي رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته فوتڻ جي جسم تي تشدد وغيره جا نشان نه مليا آھن جڏھن ته رپورٽ اچڻ کانپوء ئي خبر پئجي سگھي ٿي ته اتفاقي موت آھي يا ڪجھه ٻيو ڪارڻ آھي. ٻئي طرف عورت سائره جي ڀاء ميڊيا کي ٻڌايو ته اسان ٽنڊو آدم جا رھواسي آھيون منھنجي ڀيڻ سائيره جي اٺ سال اڳ ماتلي ۾ شھر سرفراز ڪشميري سان شادي ٿي اڪثر ھو سائيره کي مارڪٽ ڪندو ھو ھڪ سال اڳ ھن کي اسان واپس ٽنڊو آدم وٺي آياسين برادري جي معززن پاران خاطر داري ڪرڻ تي سائيره واپس سندس گھر واري سرفراز سان گڏ ماتلي ويئي ۽ جنھن کانپوء سندس پراسرار موت ٿيو آھي ھن وڌيڪ چيو ته پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کانپوء ئي ڪيس وغيره داخل ڪرايو ويو ويندو .