ماتلي (ن پ ا) ماتلي جي احسان شاھ ڪالوني جو رھواسي 32 ورھين جو وقار احمد پٽ عزيز کٽي ٽن ڏينھن کان گم ٿي ويو آھي، سندس ڀاءُ اعظم ۽ سندس مائٽن جو چوڻ آھي ته وقار اڱاري جي ڏينھن اھو چئي گھران نڪتو ته ھو ٽنڊي محمد خان ڪنھن شخص وٺ رھيل پيسه وٺڻ وڃي رھيو آھي ۽ ٽي ڏينھن گذري ويا آھن سندس موبائيل نمبر بند آھي ۽ ڪابه خبر نه آھي ھوء ڪٿي آھي سندس وارثن سندس گم ٿيڻ جي رپورٽ ماتلي ٿاڻي داخل پڻ ڪرائي آھي جڏھن ته وارثن پاران اھو به شڪ ڏيکاريو آھي وقار کي ڪنھن اغوا ڪيو آھي.