ماتلي(ن پ ا) ماتلي شھر  جي وارڊ نمبر 9 جي ماڇي برادري جي سوين عورتن، مردن ٻارڙن سان گڏ ماتلي پوليس خلاف احتجاجي مظاھرو ڪيو. ان موقعي ميڊيا سان ڳالھائيندي جمن ماڇي  ، قربان ماڇي ۽ مسمات رحمت الزام ھڻندي چيو ته پوليس محبوب نالي شخص کي سياسي اڳواڻ جي چوڻ تي گرفتار ڪري حبس بيجا رکي سندس مٿان تشدد ڪيو ويو آھي محبوب کي پوليس بيگناھ گرفتار ڪري سياسي ونگار پئي وھي ھنن ايس ايس پي بدين کان مطالبو ڪيو آھي گرفتار نوجوان محبوب کي آزاد ڪري ھنن سان انصاف ڪيو وڄي.