ماتلي (ن پ ا) ماتلي ۾ جبري پورھيئي ۽ تشدد کان تنگ اچي مشاخ برادري جون عورتون ۽ مرد احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿي ويا، سٽي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪندي ڳوٺ فتح محمد مشاخ جي رهواسين سوڍو مشاخ، والو مشاخ ۽ بيواھ صاحبزادي مشاخ دانيهندي چيو ته 15 سالن کان ھڪ بااثر زميندار وٽ منھنجا پٽ شڪيل، فياض ۽ ابراھيم  جبري پورھيو ڪري رھيا آھن، 4 ھزار پگھار تي 15 سال گذري ويا آھن ۽ بااثر زميندار ڪم تي نه وڃڻ تي ڳوٺ اچي منھنجي ٻچڙن تي تشدد ڪري ٿو ۽ ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جون ڌمڪيون ڏئي ٿو، ڪجھه ڏينھن اڳ بيمار  والو مشاخ ڪم تي نه ويو، جنهن تي بااثر کيس تشدد جو نشانو بڻايو،هنن چيو ته پوليس دانهن ٻڌڻ لاءِ تيار ناهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي بااثر زميندار خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي.