ڪراچي: متحده اڳواڻ  وسيم اختر چيو آهي ته مائنس الطاف سان اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسپيس ڏنو وڃي، متحده پاڪستان جو سربراهه خالد مقبول ئي آهي، ڪير مڃي يا نه مڃي، نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي وسيم اختر چيو ته متحده مدر پارٽي آهي، منهنجي خيال ۾ سڀني کي ان ۾ اچڻ گهرجي، جنهن کي اچڻو آهي خالد مقبول جي قيادت ۾ اچي، اسان چيو هو ته ڏيڍ انچ جي مسجد نه ٺاهيو.هن چيو ته جيڪڏهن ڪو ٻئي پارٽي مان ايندو ته اسانجي پارٽي اصولن تحت ايندو، عامر خان ڪيترين کي اجلاس ۾ ويٺو آهي، ان کي علم آهي، لنڊن کان علحدگي کانپوءِ اسان مسئلا حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، اسان کي اوترو اسپيس نه ٿو وڃي، جيترو ٻين پارٽين کي ڏنو پيو وڃي،اسان سان نرمي ڪئي وڃي ته جيئن وڃايل سيٽون واپس ڪري عوام جا مسئلا حل ڪريون، هن چيو ته الطاف جي سياست کان الڳ ٿي ويا آهيون، مائنس الطاف اڳتي وڌڻ چاهيون ٿا، اسٽيبلشمينٽ نرمي ڪري. هڪ سوال تي هن چيو ته عمران غنڊن واري پارٽي جي 7 ووٽن تي ئي وزيراعظم بڻيو هو، فواد چوڌري کي اهو ياد ڏيارڻ چاهيون ٿا.