ماءُ ۽ ڌيءَ کي چانهه ۾ زهر ملائي گهٽا ڏئي قتل ڪندڙ گهر جو سربراهه ئي نڪتو

0
185
شيخوپورا ۾ ڀاءُ ھٿان

ڪراچي(م ڊ) حافظ آباد ۾ پوليس ماءُ ۽ ڌيءَ جي انڌي قتل جو پتو لڳائي ورتو، جنهن ۾ گهر جو سربراهه ئي قاتل نڪتو، پوليس موجب حافظ آباد جي علائقي ڪوٽ سرور ۾ 5 ڏينهن اڳ ماءُ ۽ ڌيءَ کي قتل ڪيو ويو هو، جنهن ۾ جوابدار پنهنجي زال ۽ 17 ورهين جي ڌيءَ شهر بانو کي شڪ جي بنياد تي قتل ڪيو هو ۽ واقعي کانپوءِ کيس خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي هئي

پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار پهريان پنهنجي زال ۽ 17 ورهين جي ڌيءَ کي چانهه ۾ زهريلي گوريون ڏئي ۽ بعد ۾ کين گهٽا ڏئي قتل ڪري ڇڏيو

پوليس مقتولا جي ڀاءُ جي فرياد تي اڻڄاتل ماڻهن خلاف ڪيس داخل ڪري مختلف ماڻهن کان پڇا ڳاڇا شروع ڪئي ته جوابدار پاڻ ئي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪيو، جنهن تي کيس گرفتار ڪيو ويو آهي