ماءُ لاءِ سلمان خان جي مدد تي راکي سجدي ۾ ڪري پئي

0
1290

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا راکي ساونت، سلمان خان کي فرشتو قرار ڏيندي چيو آهي ته منهنجي عمر به سلمان خان کي لڳي وڃي.گذريل ڏينهن اداڪارا راکي ساونت جي ماءُ جو ڪينسر جو آپريشن ڪيو ويو هو ۽ ان جو ٽيومر ڪڍيو ويو، جڏهن ته ان آپريشن جو سڄو خرچ سلمان خان ۽ سندس ڀاءُ سهيل خان برداشت ڪيو.راکي ساونت ميڊيا سامهون سلمان خان ۽ سندس خاندان جا ٿورا مڃيا ۽ گوڏا کوڙي ويهي چيو ته سلمان خان توهان منهنجي ماءُ کي بچايو، توهان فرشتا آهيو، مان هن عمر جو ڇا ڪنديس، منهنجي عمر به توهان کي لڳي وڃي.