ابوجا (انٽرسٽنگ نيوز): نائجيريا جي هڪ شيف (بورچي) تقريبن 100 ڪلاڪن تائين کاڌو پچائي عالمي رڪارڊ بڻائڻ جو اعزاز پنهنجي نالي ڪري ورتو آهي، هن 2019 ۾ ڀارتي عورت شيف لتا ٽنڊن جو بڻايل رڪارڊ ٽوڙيو آهي، جنهن ۾ لتا 87 ڪلاڪ 45 منٽن تائين لڳاتار ڪيترن قسمن جا کاڌا تيار ڪيا هئا، نائجيريا سان تعلق رکندڙ 27 ورهين جي هلدا بيسي خميس ڏهاڙي 11 مئي تي شام 4 وڳي کاڌو پچائڻ شروع ڪيو ۽ لڳاتار 100 ڪلاڪن تائين ڪيترن قسمن جا کاڌا تيار ڪيا، ٻئي طرف گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ پنهنجي ٽويٽ ۾ ايترو چيو آهي ته اهي عورت جي ان ڪوشش کان واقف آهن پر وڌيڪ ثبوتن کانپوءِ ئي باضابطا طور تي ان جو اعلان ڪيو ويندو، واضح رهي ته گنيز بڪ آف ورلڊ ريڪارڊ فوري طور تي رڪارڊ جي تصديق ناهي ڪندو، پر وڌيڪ ثبوتن ۽ تسلي بعد ئي ان جو اعلان ڪندو آهي، جنهن ۾ ڪيترائي هفتا به لڳي سگهن ٿا. رڪارڊ بڻائڻ جي ڪوشش ۾ هن وڌ کان وڌ نائجيرين کاڌا بڻايا. هلدا چيو ته اهو سخت محنت ۽ عزم جو ڪم آهي ۽ مان پيغام ڏيڻ چاهيان ٿي ته آفريڪي عورتن کي نظرانداز نه ڪيو وڃي، هلدا کي هر هڪ ڪلاڪ بعد رڳو پنج منٽ آرام جي اجازت ڏني وئي هئي يا وري 12 ڪلاڪن بعد هڪ ڪلاڪ جي واندڪائي جي اجازت هئي، ان دوران کيس وهنجڻ جي اجازت هئي،

 

جڏهن ته ان جو طبي چيڪ اپ به ڪيو ويو هيو، هلدا ان کان اڳ 2021 ۾ کاڌو بڻائڻ جو هڪ مقابلو کٽي چڪي آهي.