حيدرآباد: پوليس جو ابتدائي اندازو آهي ته پارس شاهه ڪرسي تي ويٺل هوندو. ڪنهن سبب جي ڪري ڪرسي جي هيٺ ڪرڻ جي ڪري ان تي ويٺل پارس شاهه جو مٿو ڀت سان ٽڪرايو هوندو جنهن جي ڪري گهڻو رت وهي وڃڻ سبب هن جو موت واقع ٿيو. ڊي ايس پي بلديا سيد واحد علي شاهه موجب پارس شاهه جي موت بابت حتمي راءِ قائم نٿي ڪري سگهجي ڇاڪاڻ ته لاش جي حالت خراب هئي. موت جو اصل ڪارڻ پوسٽ مارٽم رپورٽ مان ئي معلوم ٿي سگهندو. هن ٻڌايو ته فارنزڪ جون ٽيمون گهرائي شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن. سندس چوڻ مطابق ته لاش 3 کان 4 ڏينهن پراڻو آهي.