لڳي  ٿو ته حڪومت عمران خان کي رياست جو دشمن قرار ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي: زلمي خليل

0
317
لڳي  ٿو ته حڪومت عمران خان

ڪراچي:آمريڪا جو اڳوڻو سفير زلمي خليل زاد عمران خان جي حمايت ۾ ٻيهر ميدان ۾ اچي ويو آهي، پنهنجي ٽويٽس ۾ زلمي خليل زاد چيو آهي ته ان ڳالهه جا اشارا ملن ٿا ته حڪمران اتحاد جي ڪنٽرول هيٺ آيل پارليامينٽ عمران خان کي نااهل قرار ڏياريندي

زلمي خليل زاد جو چوڻ آهي ته پارليامينٽ عمران خان کي چونڊ وڙهڻ کان روڪڻ پي ٽي آءِ تي پابندي هڻڻ لاءِ سپريم ڪورٽ کي چئي سگهي ٿي

 زلمي خليل زاد خبردار ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهڙا قدم کنيا ويا ته پاڪستان لاءِ بين الاقوامي حمايت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ايندي، آءِ ايم ايف جي حمايت به اڃا مشڪوڪ آهي

 

هن جو چوڻ آهي ته اهڙن قدمن سان ملڪ اندر تشدد کي وڌيڪ هٿي ملندي، مون کي اميد آهي ته پاڪستان جا سياسي اڳواڻ پنهنجن ننڍڙن مفادن خاطر قومي مفادن کي هاڃو رسائيندڙ سياست کان پاسو ڪندا

اڳوڻي آمريڪي سفير زلمي خليل زادموجب جيڪڏهن ائين نه ٿو ٿئي ته پوءِ اميد آهي ته سپريم ڪورٽ قومي مفادن لاءِ هاڃيڪار گيمز ۾ استعمال ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيندي، پاڪستان بابت منهنجي ڳڻتي وڌي رهي آهي

هي به پڙهندا

پي ٽي آءِ کي لاهور ۾ مينار پاڪستان وٽ جلسو ڪرڻ تي اجازت ملي وئي