ڀٽ شاهه: لڪي شاھ صدر پئنل جا عھديدار ڪاميابي واري اعلان بعد خوشي جو اظھار ڪندي نڪري ھليا ويا. اليڪشن ڪاميٽي جي پھرين ڪيل اعلان موجب استادن جي ٽوٽل 360 ووٽن مان لڪي شاھ صدر جي پئنل جو صدارتي اميدوار غلام رسول مھر 179 ووٽ کڻي ڪامياب ٿيو آهي، جڏھن ته ڀٽائي پئنل جي صدارتي اميدوار شفيع محمد سٺيو کي 175 ووٽ مليا آهن ۽ استاد اتحاد جي انارالدين شاھ کي ھڪ ووٽ مليو. 360 مان ٽوٽل 358 ووٽ ڪاسٽ ٿيا ۽ 3 ووٽ خارج ڪيا ويا.