لڪير جي هُن پاسي!

0
218
لڪير جي هُن پاسي!

 مرزا غالب فارسي ۾ هڪ غزل لکيو، جنهن کي صوفي غلام مصطفيٰ تبسم پنجابي ۾ ترجمو ڪيو. اهو غزل جڏهن غلام علي ڳايو ته امر ٿي ويو.

ميري شوق دا نئين اعتبار تينون

آجا ويک ميرا انتظار آجا-

                 ان شعر جي پوئين مصرعي ۾ جيڪڏهن انتظار بدران “انتقام” جو لفظ وجهجي ته اهو اڄوڪي سياسي صورتحال تي فِٽ بيهي ٿو. 9 مئي جا واقعا هٿن سان ٺاهيل هڪ گرينڊ سياسي پروجيڪٽ جي المياتي انجام ڏانهن پهرين ۽ بنيادي وک هئي. اسٽيبلشمينٽ سان سڌي ٽڪراءَ ۾ اچڻ کان اڳ پي ٽي آءِ قيادت کي اهو سوچڻ گهرجي ها ته ان جا نتيجا ڪهڙا نڪري سگهن ٿا پر ايترو تفصيل ۾ وڃڻ جي ڪنهن کي ضرورت ئي نه هئي، جو شايد هنن اهو سمجهي ورتو هو ته هجوم جي آڏو بيهڻ جي ڪنهن ۾ جرئت نه هوندي. هن ملڪ ۾ “حقيقي آزادي” جي نالي تي اهي ماڻهو انقلاب آڻڻ نڪتا هئا، جن وٽ نه تاريخي شعور آهي، نه هنن جي ڪا انٽليڪچوئل گرومنگ! نه هنن ڪڏهن روس، فرانس، ايران ۽ رومانيه جي انقلابن بابت پڙهيو، نه کين ان جي نتيجن جي ڪا خبر آهي. عمران خان جي پوئلڳن ٽوئيٽر تي ٽويٽس جو انقلاب برپا ڪري سمجهي ورتو ته اصل ۾ به ايئن ئي ٿيندو آهي ته ڏنڊا کڻي نڪري پئبو، باهيون لڳائي، ڀڃ ڊاهه ڪبي ته انقلاب اچي ويندو. پر 9 مئي کانپوءِ سڀني ڏسي ورتو ته دنيا ۾ ڪامياب بغاوتون انقلاب سڏبيون آهن ۽ ناڪام انقلاب، بغاوت قرار ڏبا آهن. ٻنهي سان حشر ساڳيو ٿيندو آهي. روسي انقلاب جيڪڏهن ناڪام ٿئي ها ته اهو ئي نڪولس هجي ها ۽ انقلابين کي باغي قرار ڏئي گولين سان اڏايو وڃي ها. انقلاب ڪامياب ٿيو، ان ڪري نڪولس ۽ شاهي خاندان کي موت جو منهن ڏسڻو پيو. ڀلا پري نه وڃون، ترڪي جي صدر اردگان خلاف جڏهن فوجي بغاوت ناڪام ٿي ته پوءِ اردگان انهن سان جيڪو حشر ڪيو، سو ته دنيا آڏو آهي نه!

صورتحال اها آهي ته ملڪ ۾ هن وقت آئين ۽ سياسي حڪومت ٻئي غير موثر آهن پر بظاهر مارشلا ناهي. صورتحال اها به آهي ته هن وقت معاشي ۽ سياسي بحران به گڏ گڏ پيا هلن پر بظاهر ملڪ ڊفالٽ نه ٿيو آهي. سياست ته هونئن ئي گفتگو جو محور بڻيل آهي پر معيشت تي ڪوبه نٿو ڳالهائي، شايد هڪ سبب اهو به هجي ته معيشت تي ڳالهائڻ لاءِ هاڻ ڪجهه بچيو ئي ناهي. ڇا ڳالهائجي؟ آءِ ايم ايف جيڪي چيو، اهو ڪيو ويو. سڀ شرط پورا ڪرڻ باوجود به آءِ ايم ايف قرض جي قسط نه ڏني، پروگرام اڌ ۾ ختم ڪيو ويو. دوست ملڪ به ڪشڪول ۾ خيرات ڏيئي ڏيئي ٿڪجي پيا آهن. گذريل ڪجهه ڏهاڪن ۾ نه هن ملڪ کي سياسي استحڪام مليو ۽ نه ئي معاشي. سياسي تجربن ڪڏهن به معاشي پاليسين جو رخ طئي ڪرڻ نه ڏنو. ان ڪري وقت سان گڏوگڏ اهو بحران خود هڪ بم جي شڪل اختيار ڪري ويو. اسان جي پاليسي سازن جو گهڻو تڻو دارومدار پرڏيهي امداد تي رهيو. سرد جنگ جي دور کان وٺي افغان طالبان تائين جيئن ته هن خطي ۾ آمريڪا جي دلچسپي وڌيڪ هئي، تنهنڪري امداد جي صورت ۾ ڊالرن جي آمد جو سلسلو به جاري هو. پر آمريڪا جي افغانستان مان نڪري وڃڻ ۽ پاڪستان پاران پرڏيهي پاليسي ۾ شفٽ سبب پاڪ- آمريڪا لاڳاپن جي متاثر ٿيڻ کانپوءِ امداد جو اهو در به بند ٿي چڪو آهي. خيرن سان پاڻ وٽ دنيا کي وڪرو ڪرڻ جا اهڙا وکر ناهن، جن سان ايڪسپورٽ وسيلي پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ واڌ ڪري سگهجي. ان ڪري درآمدي شيون اسان جي پرڏيهي ذخيرن کي کاٽ هڻنديون رهيون آهن.

گذريل ڏينهن ملڪ جي بهترين معاشي ماهر ڊاڪٽر اڪمل حسين جو انٽرويو پڙهڻ لاءِ مليو، جنهن ۾ هن چيو ته گذريل سال ڊاڪٽر حفيظ پاشا گڏيل قومن جي ترقياتي پروگرام جي نيشنل هيومن ڊيولپمينٽ رپورٽ لکي آهي، جنهن ۾ هن ڪاٿو لڳايو آهي ته پاڪستان هر سال اشرافيه کي 2.66 کرب رپين جون مراعتون ڏيئي رهيو آهي. انهن مراعتن ۾ پگهارون شامل ناهن. هاڻي جنهن ملڪ جي معيشت جو ٻيڙو ٻڏل هجي، جنهن کي ڊيفالٽ جو خطرو هجي، ان ملڪ ۾ ساليانو 2.66 کرب رپيا اشرافيه جي عياشين تي خرچ ٿي رهيا آهن. جڏهن کانئس پڇيو ويو ته ڇا آءِ ايم ايف کي اهو نظر نٿو اچي ته کربين رپيا اشرافيه جي عياشين تي خرچ ٿي رهيا آهن ته هن چيو ته آءِ ايم ايف جو ڊگهي مدي واري ترقي سان ڪو مطلب ناهي هوندو، هنن جو غرض اهو هوندو آهي ته جيڪو قرض هو ڏين ٿا اهو 4، 5 سالن اندر واپس ٿئي، ان بعد ملڪ سان ايندڙ 20 سالن ۾ ڇا ٿو ٿئي، تنهن سان هنن جو تعلق ناهي هوندو. بنيادي طور تي هن ملڪ جي معيشت جو ڍانچو ئي خراب آهي، اها معيشت اميرن جي اتحاد جي معيشت آهي، جيڪا پرڏيهي قرض لاهڻ لاءِ قرض وٺڻ واري پاليسي تي هلي رهي آهي. هڪ نهايت سادي ڳالهه جيڪا سمجهڻ جي آهي ته ملڪ ۾ ڊالر نه هوندا ته جيڪي هتي ايڪسپورٽ ڪرڻ لاءِ شيون ٺهن ٿيون، تن جو خام ملڻ بند ٿي ويندو، نتيجي ۾ ايڪسپورٽ رڪجي ويندي. ملڪ ۾ تيل سان 60 سيڪڙو بجلي ٺهي ٿي، تيل پرڏيهه مان گهرايو وڃي ٿو، اهو ملڻ بند ته بجلي جي کوٽ، بجلي جي کوٽ ته ڪارخانا ڪٿان هلندا، پوءِ روزگار ۽ معيشت جو ڦيٿو ڪيئن ڦرندو. پر ڇڏيو انهن ڳالهين کي، ان تي ڪير ٿو سوچي، في الحال ته اهو آهي ته پي ٽي آءِ کي عبرت جو نشان ڪيئن بڻائڻو آهي، نئين پارٽي ۾ ساڳيا پراڻا چهرا ڪيئن فٽ ڪرڻا آهن.

ڪهاڻي پراڻي آهي پر ان کي دهرائيندڙ ٿڪجن نٿا. عمراني پروجيڪٽ مان هنن جيڪو نتيجو حاصل ڪيو، سو اهو ته وري نئين سر هڪ نئين پارٽي ٿا ٺاهيون. ان پارٽي ۾ ساڳيا اليڪٽيبلس ڪٺا ڪيا ويا آهن، جيڪي ان کان اڳ پي ٽي آءِ ۾ هئا ۽ جن کي صحافين آڏو پريڊ ڪرائي سياست تان ئي هٿ کڻايو ويو هو. انهن سڀني کي لڪير جي هن پاسي بيهاريو ويو آهي، اهو پاسو جيڪو اسٽيبلشمينٽ سان انتهائي وفاداري وارو پاسو آهي. جيڪو لڪير جي ٻئي پاسي آهي، اهو محب وطن نه پر غدار آهي. ماضيءَ ۾ ٻين سياسي پارٽين لاءِ به اهڙيون لڪيرون نڪري چڪيون آهن، جن ۾ پيپلز پارٽي پيٽرياٽ به آهي، ق ليگ به آهي، پاڪ سرزمين پارٽي به آهي ۽ هاڻ استحڪام پاڪستان پارٽي! سوال اهو آهي ته هن ملڪ ۾ گذريل 75 سالن کان استحڪام نه اچي سگهيو آهي ته ان جي سببن تي ويچارڻ ۽ ان کي ٺيڪ ڪرڻ بدران جيڪي نيوٽرل آهن، جيڪي غير سياسي آهن، تن هڪ ٻئي پروجيڪٽ جو آغاز ڪري ڇڏيو آهي، اهو ڄاڻندي به ته ڪنهن سياسي پارٽي جو نالو استحڪام پاڪستان رکڻ سان ملڪ ۾ استحڪام نٿو اچي سگهي، هڪ وڌيڪ تجربو ڪرڻ جي تياري شروع ڪئي وئي آهي. اهو سياسي شوق هنن کان وڃي ڪونه ٿو. جيڪو اسٽيبلشمينٽ جو مفاد آهي، اهو ئي قومي مفاد آهي. اڄڪلهه پي ڊي ايم جون پارٽيون پي ٽي آءِ جي حشر نشر تي خوش آهن، کين جمهوريت، عوام جي ڳڻتي کان وڌيڪ ان ڳالهه تي سرهائي آهي ته هو لڪير جي هن پاسي بيٺل آهن. رهي ڳالهه معيشت جي ته اسحاق ڊار توهان کي ڪالهه ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڪهڙين شين تي سڌا ۽ اڻ سڌا ٽيڪس لڳي رهيا آهن، عوام کان اوڳاڙي ڪري اشرافيه جي معيشت جو اتحاد ڪيئن برقرار رکڻو آهي، ان لاءِ اڄوڪي اخبار جو پهريون صفحو ملاحظه ڪريو!