لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاھ لڳ نوجوان غربت ۽ بيروزگاري سبب بجليءَ جي ٿنڀي ۾ ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، خبر موجب ڳوٺ الله بخش کوسو جي رھواسي نوجوان پورھيت شاھد کوسو غربت ۽ بيروزگاري کان تنگ اچي ڳوٺ ٻاھران بجلي جي پول ۾ رسو ٻڌي ڦاهو کائي آپگھات ڪري ڇڏيو، ڳوٺاڻن جي اطلاع تي ماڙي پوليس ۽ وارث واقعي واري ھنڌ پهچي نوجوان جو لاش کڻائي لکي غلام شاهه اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو، فوتي نوجوان جي وڏي ڀاءُ انصار کوسو ٻڌايو ته ڀاءُ غربت ۽ بيروزگاري سبب پريشان رھندو ھو، جنهن ڪري ھن زندگيءَ کان تنگ اچي انت آندو. فوتي جو لاش گهر پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو.