لکي غلام شاھ (ن پ ا) لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد ڳوٺ رحمت الله مهر واسي ۽ ڳوٺ جمعو مهر واسي مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي ۾ نوجوان ذوالفقار پٽ گلبهار مهر پراسرار نموني فوت ٿي ويو، جڏهن ته ڳوٺ رحمت الله مهر واسين حملو ڪري ڳوٺ جمعو مهر واسي 23 ورهين جي نوجوان ابراهيم پٽ محمد رحيم مهر کي گوليون هڻي قتل ڪري ڇڏيو، اطلاع تي ڳوٺاڻن واقعي واري هنڌ پهچي ڪري قتل ٿي ويل ٻنهي ڄڻن جا لاش کڻائي سول اسپتال لکي غلام شاھ پهچايا، پوسٽ مارٽم بعد ٻنهي ڄڻن جا لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ٻنهي نوجوانن جا لاش پنهنجي ڳوٺن ۾ پهچڻ تي گهرن ۾ ڪهرام مچي ويو، هوڏانهن ايس ايچ او لکي رابطو ڪرڻ تي ٽائيم نيوز کي ٻڌايو ته جهيڙي جو ڪارڻ معلوم نه ٿي سگهيو. هوڏانهن ڊاڪٽر خادم حسين ڀٽي ٻڌايو ته ذوالفقار مهر جي جسم تي ظاهر ڪوبه نشان ناهي، پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ خبر پوندي ته موت جو ڪارڻ ڪهڙو آهي، جڏهن ته ٻي ڌر جي نوجوان ابراهيم مهر کي گوليون لڳل آهن.  هوڏانهن ٻنهي ڌرين جي وارثن موقف ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف علائقي ۾ ٻنهي ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ تيز ٿي وئي آهي.