لکي غلام شاهه (ن پ ا) لکي غلام شاهه جي ڪچي واري علائقي رستم ۾ قبيلائي جهيڙي دوران مارجي ويل 5 ڄڻن جا 2 ڌار ڌار ڪيس داخل، چڪ ٿاڻي تي جهيڙيندڙ ڌُرين هڪٻئي خلاف ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا، سعيد خاناڻي جي ڌُر 19 ۽ ڪمالاڻي ڌُر 26 جوابدارن خلاف قتل ڪيس داخل ڪرايا، ڳوٺ غازي ڪمالاڻي ۾ 3 ڏينهن اڳ ڪارنهن تڪرار تان جهيڙي دوران 5 ڄڻا مارجي ويا هئا، پوليس 3 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار گرفتار ڪرڻ ۾ ناڪام، علائقي ۾ خوف پکڙيل آهي.