لنڊن (م ڊ) نواز ليگ اڳواڻ ناصر بٽ الزام هڻڻ تي تسنيم حيدر شاهه خلاف لنڊن ۾ رپورٽ داخل ڪرائي ڇڏي، ناصر بٽ لنڊن جي گرين فورڊ پوليس اسٽيشن ۾ تسنيم حيدر شاهه خلاف رپورٽ داخل ڪرائي، ناصر پٽ چيو آهي ته هاڻ پوليس به تسنيم حيدر کان پڇندي ۽ آئون کيس ڪورٽ به وٺي ويندس، هن چيو ته بي بنياد الزام هڻندڙن کي هاڻ جواب ڏيڻو پوندو، لنڊن ۾ ڪوڙ ڳالهائيندڙ بچي ناهي سگهندو.