دبئي (اسپورٽس نيوز) آءِ سي سي جي چيف ايلار ڊائس اميد ظاهر ڪئي آهي ته ڪرڪيٽر ليگز ۽ عالمي ڪرڪيٽ ۾ توازن برقرار رکندا. تفصيل موجب مشهور ويب سائٽ سان ڳالهائيندي چيف ايگزيڪيوٽو جيف ايلارڊائس چيو ته انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل مصروف ڪيلنڊر ۾ وڌندڙ ڪمن جي بار باوجود راند جي تمام فارميٽ جي رانديگرن کي برقرار رکڻ لاءِ پراميد آهي. ايلار ڊائس ويب سائٽ کي ٻڌايو ته هاڻي به ڪرڪيٽ جي تمام فارميٽ ۾ رانديگر دستياب هوندا. هن چيو ته اهو هڪ الڳ سوال آهي ته ڪرڪيٽرن جو ملڪ جيڪو شيڊو ڪري رانديگر هر ميچ کيڏن. ايلار ڊائس چيو ته رانديگرن جو مختلف فارميٽس کي ترجيح ڏيڻ ڪو نئون واقعو ناهي. ايلار ڊائس رانديگرن جي حوالي سان پراميد آهي ته يقيني طور تي ڊوميسٽڪ ليگز جي مقابلي ۾ عالمي ڪرڪيٽ کيڏندڙ رانديگرن جو توازن برقرار رهندو. آءِ سي سي چيف چيو ته مان اميد ڪريان ٿو ته بهترين رانديگر جيترا ڀيرا ٿي سگهيو عالمي ڪرڪيٽ کيڏندا.