ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي عدالت، ليڊي ڊاڪٽر کي شادي جو ڏٽو ڏئي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ واري ڪيس ۾ 2 جوابدارن کي جڊيشل رمانڊ تي جيل موڪلي ڇڏيو، متاثر ليڊي ڊاڪٽر ۽ جوابدارن جو ميڊيڪل ڪرائڻ جو حڪم: متاثر ڊاڪٽر الزام هنيو هو ته سندس سئوٽ طارق کيس شادي جو ڏٽو ڏئي پنهنجي دوست خالد محمود سان گڏجي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد خاموش رهڻ لاءِ ڌمڪايو.