ڪنري (ن پ ا) سنڌ پوليس جي سورمين جو ڪارنامو، ٻوڏ متاثر معذور ۽ پيرسن عورتن کي ڪلھن ۽ ھنج ۾ کڻي سينٽر پھچائي وظيفي جي رقم ڏياري، خبر موجب بي آءِ ايس پي سينٽر تي ڊيوٽي ڪندڙ ليڊي پوليس اھلڪارن انسانيت جو اعليٰ مثال قائم ڪري ڇڏيو، سينٽر تي وظيفو وٺڻ لاءِ آيل معذور ۽ پيرسن مستحق عورتن کي ليڊي پوليس اھلڪارن حميدا مري، نيلم آرائين ۽ ٻين ھنج ۾ کڻي ڊوائيز ھولڊر وٽ پھچائي سندن آيل وظيفو وٺرائي ڏنو، ان دوران مستحق عورتن ليڊي پوليس اھلڪارن کي دعائون پڻ ڏنيون، ليڊي اهلڪارن جو چوڻ ھو ته معذور ۽ پيرسن عورتون وظيفي لاءِ آيل ھيون، سخت گرمي سبب ھلڻ کان لاچار ھيون جنھن تي کين وظيفو وٺرائي ڏنو،