ڪراچي(انٽرسٽنگ نيوز) ڇا اوهان ڪڏهن ڪنهن چور کي چوري ڪرڻ کانپوءِ ان شخص کان لکت ۾ معافي گهرندي ڏٺو آهي جيڪڏهن نه ڏٺو آهي ته هن دلچسپ واقعي بابت اوهان کي ٻڌايون ٿا. ٽوئٽر تي هڪ واهپيدار طرفان زوئيلي ٿڪسو نالي واهپيدار طرفان موڪليل اي ميل جو اسڪرين شاٽ شيئر ڪيو ويو. ميڊيا رپورٽن موجب زوئيلي اصل ۾ اهو شخص آهي جنهن ليپ ٽاپ چوري ڪرڻ کانپوءِ ان جي مالڪ کان اي ميل ذريعي معافي جي اي ميل ڪئي. چور اي ميل ۾ لکيو ته مان ڄاڻان ٿو ته مان گذريل ڏينهن اوهان جو ليپ ٽاپ چوري ڪيو، مونکي پنهنجي ضرورتن لاءِ پئسن جي ضرورت هئي پر مان ڏٺو ته اوهان ليپ ٽاپ ۾ ريسرچ پروپوزل ۾ مصروف هئا جنهن کي اي ميل ۾ اٽيچڊ ڪري ڇڏيو آهي. جيڪڏهن ان کان علاوه اوهان کي ڪنهن فائل جي ضرورت آهي ته مونکي سومر تي 12 وڳي کان اڳ ٻڌائي ڇڏيو ڇوته مان هن ليپ ٽاپ کي وڪڻڻ لاءِ ڪسٽمر کي ڳولي رهيو آهيان. واهپيدار پنهنجي ٽوئٽ ۾ لکيو ته منهنجو ليپ ٽاپ چوري کانپوءِ هيءَ اي ميل مونکي منهنجي ئي اي ميل استعمال ڪندي موڪلي وئي آهي جنهن لاءِ منهنجا گڏيل جذبات آهن. سوشل ميڊيا تي چور جي اي ميل وائرل ٿي وئي جنهن تي واهپيدارن طرفان چور جي حمايت ۾ ٽوئٽس جاري آهن.