ليما مهانگا ٿيڻ تي ڀارت ۾ 60 ڪلو ليما چوري

0
362
ليما مهانگا ٿيڻ تي

شاهه جهانپور (انٽرسٽنگ نيوز) ليمو مهانگو ٿيڻ تي ڀارت ۾ 60 ڪلو ليما چوري ٿي ويا. ان ڏس ۾ ميڊيا رپورٽن موجب ڀارت جي رياست اترپرديش جي شهر جهانپور ۾ چور قيمتي شيءِ بدران ليما کڻي ويا. اهو واقعو هڪ گودام ۾ پيش آيو، جتي صبح جو ليما مارڪيٽ کڻي وڃڻ لاءِ مالڪ جيئن گودام تي پهتو ته گودام جا تالا ٽٽل هئا ۽ شيون هيڏانهن هوڏانهن وکريل هيون

مالڪ ڪيشپ پاران رکيل ليما به گم هئا. مالڪ موجب چور رڳو ليما نه پر ٻيون شيون به کڻي ويا آهن. هن ٻڌايو ته چور منهنجا 60 ڪلو ليما کڻي ويا، ان سان گڏ 40 ڪلو بصر ۽ 38 ڪلو ٿوم کڻي ويا آهن. گودام مالڪ ڪيشپ ٻڌايو ته ليما ان ڪري چوري ٿيا آهن جو اهي مهانگا ٿي ويا آهن. هن چيو ته لکنئو ۾ ليمو 325 رپيا ڪلو ۽ 13 رپيا في پيس جي حساب سان وڪامجي رهيو آهي