ڪراچي(شوبز نيوز) پاڪستان جي ليجنڊ اداڪار وحيد مراد کي وڇڙي 39 ورهيه وهامي ويا. وحيد مراد جي پهرين فلم “هيرا اور پٿر” هئي پر سلور اسڪرين تي لاڳيتو 75 هفتا هلندڙ فلم “ارمان” وحيد مراد کي عروج تي پهچايو. ننڍي کنڊ ۾ دليپ ڪمار کانپوءِ وحيد مراد اهو واحد هيرو هو جنهن جي هيئر اسٽائل ۽ لباس جي نقل ڪئي وئي. وحيد مراد 2 آڪٽوبر 1938ع ۾ فلمساز نثار مراد جي گهر ۾ جنم ورتو ۽ ڪراچي ورسٽي مان انگريزي ادب ۾ ماسٽر ڪيو. وحد مراد فلم دوراها، عندليب، جب جب پهول کلي، سالگره، انجمن، جهان تو وهان هم، فول ميري گلشن ڪا، ديور ڀاڀي سميت 124 فلمن ۾ اداڪاريءَ جا جوهر ڏيکاريا. وحيد مراد 23 نومبر 1983ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو.