دوحا(اسپورٽس نيوز) ليجنڊز ليگ 2023ع ۾ انڊين مهاراجه کي عالمي جائنٽس 3 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. قطر جي گاديءَ واري هنڌ دوحا ۾ ٿيندڙ ليجنڊز ليگ 2023ع ۾ عالمي جائنٽس انڊين مهاراج کي 3 وڪيٽن تان هارائي ڇڏيو. انڊين مهاراجه مقرر 20 اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 136 رنز ٺاهيون. منوندر بسلا 36، سريش رائنا 49 ۽ عرفان پٺان 25 رنز ٺاهي نمايان رهيا. ورلڊ جائنٽس طرفان بريٽ لي 3 اوورن ۾ 18 رنز ڏئي 3 وڪيٽون ورتيون. سميت پٽيل ۽ مونٽي پنيسر 1-1 وڪيٽ ورتي، ڪرس ۽ ٽيمو بيسٽ 2-2 وڪيٽون حاصل ڪيون. ورلڊ جائنٽس 18.4 اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي هدف پورو ڪري ورتو. گرس گيل 57 رنز جي شاندار اننگز کيڏي.  انڊين مهاراجه طرفان يوسف پٺاڻ 2 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته هرڀجن سنگهه ۽ سريش رائنا هڪ هڪ رانديگر کي پويلين موڪليو.