ٿرڙي محبت(ن پ ا) ٿرڙي محبت ۾ لياقت جتوئي جي ويجھي ساٿي ۽ اڳوني ناظم احمد نجيب ناريجي پيپلزپارٽي ۾ شموليت ڪري ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ ٿرڙي محبت جي ناريجا برادري جي چڱي مڙس، اڳوڻي ناظم ۽ لياقت جتوئي جي ويجهي ساٿي احمد نجيب ناريجو پ پ ايم اين اي رفيق احمد جمالي ۽ عرفان لغاري ايم اپي اي فياض علي ٻٽ، امتياز پاشا ٻٽ، پ پ ضلع دادو جو جنرل سيڪريٽري غلام دستگير ڳورڙ، اڳوڻو ضلع چيئرمين محمد اشرف سولنگي، شاھد سھول، پ پ تعلقه ميهڙ جو جنرل سيڪريٽري محراب لاکير، پ پ يوٿ جو صدر غلام مرتضي ڳورڙ، جي موجودگي ۾ پيپلز پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪري ڇڏيو.