ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اسڪول ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب دونهون ڀرجي ويو، 14 شاگرد بيهوش، والدين ۾ خوف، تعليم کاتي نجي اسڪول سيل کي سيل ڪري ڇڏيو ، هڪ لک 80 هزار ڏنڊ، ان ڏس ۾ لياري جي بغدادي واري علائقي جي موسيٰ ڪالوني ۾ واقع نجي اسڪول ۾ جنريٽر کي باهه لڳڻ سبب اسڪول ۾ دونهون ڀرجي ويو، جنهن ڪري 14 ٻارڙا نيم بيهوش ٿي ويا، جن کي ايڌي ايمبولينسز ذريعي سول اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻارڙن جو اطلاع ملندي ئي والدين پريشاني ۾ مبتلا ٿي ويا، جيڪي اسڪول ۽ اسپتال پهتا،  پوليس موجب بيهوش ٿيلن ۾ 9 ورهين جو زين،15 ورهين جو حنان، 11 ورهين جو ادريس، 9 ورهين جو زين پٽ شير محمد، 7 ورهين جو دانش، 9 سالن جي حاجره، 11 ورهين جي آمنه، 12 ورهين جي فاطمه، 8 ورهين جو قاسم، 10 ورهين جي ڪرن ۽ ٻيا شامل آهن. ٻئي طرف ايس ايس پي سٽي شبير سيٺار موجب اسڪول ۾ 200 کان وڌيڪ ٻار پڙهن  ٿا، مسلسل جنريٽر هلڻ ڪري دونهون جمع ٿي ويو، اسڪول ۾ وينٽيليشن ناهي. وڌيڪ قانوني ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. ٻئي طرف هوڏانهن تعليم واري  وزيرسردار شاھ پاران واقعي جو نوٽيس وٺڻ کانپوءِ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيوٽ اسڪولز پاران اسڪول کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن اسڪول انتظاميا مٿان هڪ لک 80 هزار رپيا ڏنڊ به لاڳو ڪيو ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڊائريڪٽوريٽ آف پرائيوٽ اسڪولز جي ايڊيشنل ڊائريڪٽر رفيعه ملاح جو چوڻ آهي ته اسڪول ۾ پيش آيل واقعي جي تفصيلي جاچ ڪئي پئي وڃي.