ڪوٽڙي (رپورٽر) ڪوهستان جي علائقي لوڻي ڪوٽ جي ڳوٺاڻن کي ماحولياتي تباهي خلاف آواز اٿارڻ مهانگو پئجي ويو، قديمي ڳوٺن ڀرسان شهرن جو گند ڪچرو اڇلائڻ کان روڪڻ تي سنڌ سولڊ ويسٽ مئنجيمنيٽ اٿارٽي جي ٺيڪيدارن پاران ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو ويو، ٺيڪيدار جي ماڻهن ڄامشورو پوليس سان گڏ ڳوٺاڻن تي تشدد ڪيو جنهن سبب 14 سالن جي نينگري سخت زخمي پئي. پوليس تشدد خلاف ڳوٺاڻن سخت احتجاج ڪندي چيو ته قدرتي حسناڪين وارو خطو ڪوهستان ماحولياتي تباهيء جي ور چڙهي ويو آهي، لوڻي ڪوٽ جا قديمي رهواسي عذاب ۾ مبتلا آهن، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن جو سمورپ گند ڪچرو ڪوهستان ۾ اڇليو پيو وڃي، ڪورٽ جي حڪمن جي خلاف ورزي ڪرڻ تي ٺيڪيدار کي تنبيھ ڪئسين ته هنن ڄامشورو پوليس کي گهرائي اسان جي عورتن تي تشدد ڪرايو. ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته عدالتي حڪمن تي عمل ڪرائي سڄي جهان جي غلاظت مان اسان جي جان ڇڏائي وڃي ۽ ٺيڪيدار توڙي تشدد جبدڙ ڄامشورو پوليس خلاف قدم کنيو وڃي