لوڪل گورنمنٽ لئبريري اٿارٽي قائم ٿي سگهندي؟

0
93
لوڪل گورنمنٽ لئبريري اٿارٽي قائم ٿي سگهندي؟

 چون ٿا سنڌ ۾ سرڪاري سطح تي پهريون ڀيرو لئبريرين جو وڏي پيماني تي برپا ٿيڻ وارو دور شهيد الهه بخش سومري جو دور هو، جڏهن هُو سنڌ جو برطانوي بيٺڪيتي دور ۾ وزيراعظم هو. ان سلسلي ۾ هن ڪامريڊ برڪت آزاد کي به ان حوالي سان ڪم سان لڳايو هو. سنڌ پاڪستان جو صوبو بڻيو. وقت گذرندو رهيو پر سنڌ ۾ لئبريرين جي حوالي سان اخبارن ۾ ماڻهن جا مطالبا ايندا رهيا آهن. ڏٺو وڃي ته سنڌ ۾ صدين کان لئبريريون تمام گهڻيون رهيون آهن ۽ روايتي طرز تي خانگي طور ذاتي لئبريريون وڌيڪ رهيون آهن يا وري آخوندن توڙي پڙهائي واري مدرسائي نظام تحت ڪتب خانن جو هڪ وڏو دور رهيو آهي. ويجهڙ ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ لئبريرين جي حوالي سان داخل آئيني پٽيشن بعد انگ اکر سامهون آيا آهن، جن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته  سنڌ جي مڪاني حڪومتن جو پنجونجاهه لئبريريون آهن ۽ ثقافت کاتي جو ڇٽيهه لئبريريون آهن، جن مان ڪن تي قبضا آهن ۽ ڪي رڳو عمارتون آهن. ڪجهه هنڌن تي اهي لئبريريون بهتر به آهن پر حڪومتن جو رويو ان پاسي نه هئڻ برابر رهيو آهي. انهن لئبريرين کانسواءِ يونيورسٽين، ڪاليجن ۽ وڏن اسڪولن جون به سوين لئبريريون آهن. انهن جي سهولتن توڙي ڪتابن جي خريداري جي حوالي سان به خير سان ريڪارڊ پورو ملندو پر اصلي طور حالت ابتڙ هوندي. سو ڳالهه پئي هلي ڪورٽ ۾ ڪيس جي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ لئبريرين بابت ڪيس ۾ هڪ اهم حڪم اهو ڏنو ته سنڌ جي سموريون لئبريرين جو وقت وڌايو وڃي ۽ انهن کي صبح نائين کان رات نائين وڳي تائين کليل رکيو وڃي. هجڻ ايئن به گهرجي ته گهٽ ۾ گهٽ ڊويزنل هيڊ ڪوارٽرن ۾ هڪ هڪ لئبريري چوويهه ڪلاڪ به کليل هجڻ گهرجي. ان ڪيس ۾ جڏهن لوڪل گورنمنٽ جي ڪامورن جي غير سنجيدگي سامهون آئي ته لوڪل گورنمنٽ جي سيڪريٽري  کي پندرنهين مارچ واري ٻڌڻي تي ذاتي طور هر حال ۾ پيش ٿيڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا هئا پر همراهه ملڪ کان ٻاهر هئڻ سبب پندرنهين تاريخ تي به ڪونه آيو. ڪورٽ پاران اڳواٽ ئي لوڪل گورنمنٽ ۽ ثقافت کاتي کي سنڌ جي جن تعلقن ۽ ضلعي هيڊڪوارٽرن ۾ لئبريريون ناهن، انهن بابت رپورٽ تيار ڪرڻ جو چيو آهي، جيئن اتي لئبريريون قائم ٿي سگهن, لوڪل گورنمنٽ کي 2023ع ۽ 2024ع واري اي ڊي پي بجيٽ ۾ لئبريرين جا پيسا رکڻ جو به چيو ويو آهي ۽ اهو عمل مهيني اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪيل آهي. ڪورٽ پاران ضلعي ڪامورن کي به  لئبريرين جي بحالي جي حوالي سان هدايتون ڪيون ويو آهن ۽ انهن کي قبضي هيٺ آيل لئبريريون نقشي موجب خالي ڪرائڻ جا حڪم ڏنا ويا آهن. ٻي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته لوڪل گورنمنٽ کي لئبريري اٿارٽي قائم ڪري ان لاءِ ڌار سان مناسب نظام آڻڻ جو چيو ويو آهي. جيتوڻيڪ ڪورٽ سڳوري پاران ڪامورن کي ڪيترن ئي معاملن ۾ سوگهو ڪيو ويو آهي پر ڏسجي ته عملدرآمد ۾ اهي ڪيترا سچا ٿين ٿا.

ڪيترين ئي لئبريرين جي حوالي سان سنڌ ۾ هڪڙو ئي تاثر قائم ٿي پيو ته اهي رڳو مقابلي جي امتحانن لاءِ ويهڻ جي جاءِ آهن. ان حوالي سان پڙهندڙن ۾ آگاهي جي به ضرورت آهي ته اتي رکيل ٻيا ڪتاب به انهن جي شعور توڙي سمجهه ۾ واڌاري جو سبب بڻبا. ڇو ته رڳو علمي ڪتاب اهو ڪجهه نه ٿا ڏين جيڪو فلسفي، سائنس ۽ ادب جي ڪتابن سان ملي سگهي ٿو. پر وري سوال اهو آهي ته اهڙا ڪتاب لئبريرين ۾ اچن ڪٿان؟ ڏٺو اهو ويو آهي ته ريڪارڊ ۾ خريداريون ڄاڻايون وينديون آهن پر اهي گهربل ڪتاب گهٽ هوندا آهن. ان ڪري لئبريرين لاءِ مستقل بنيادن تي ڪتابن جي خريداري جو هڪ بهتر طريقو هجڻ گهرجي ۽ سهولتون به پوريون هجن. ايئن به ٿي سگهي ٿو ته سنڌ ۾ ڪجهه اهڙيون لئبريريون به قائم ٿين، جيڪي معياري هجي ۽ ماڊل لئبريريون هجن. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن جي صنعتن جي سي ايس آر وارو پيسو ڀوتارن جي کيسن ۾ هليو وڃي ٿو. ان پيسي مان به بهترين لئبريريون ٺهي سگهن ٿيون. رڳو لئبريري ڪتاب رکڻ واري جاءِ ناهي هوندي پر ان ۾ ٻيون به انيڪ اهڙيون شيون ڪري سگهجن ٿيون، جنهن سان پڙهندڙ جي دلچسپي وڌي وڃي. لئبريرين ۾ جدت پٽاندڙ فوٽو لئبريري، ميوزڪ لئبريري، فلم  لئبريري وغيرهه جا پورشن قائم ٿي سگهن ٿا. ڊويزن جي يونيورسٽين جي سمورن تحقيقي مقالن/ٿيسز کي رکيو وڃي ۽ اها هڪ ڪارائتي ڊيٽا ٿي ويندي.

حقيقت اها آهي ته لئبريريون تمام گهڻي ڌيان جون گهرجائو آهن. رڳو ثقافت، تعليم ۽ لوڪل گورنمنٽ ئي نه پر ٻين کاتن جون لئبريريون به بهتر، متحرڪ ۽ جديد ڪيون وڃن ته هر عمر جي ماڻهن جو هڪ وڏو انگ گهڻو ڪجهه حاصل ڪري سگهي ٿو.