ميھڙ (ن پ ا) بجلي جي لوڊشيڊنگ  خلاف ميهڙ ۾ واپاري ۽ شهري روڊن تي نڪري آيا،   سرفراز مهيسر ، آچر ٻگهيو ،  امين ڪنڀر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾  انڊس هاء وي تي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو،ان موقعي تي مظاهرين چيو ته  سيپڪو پاران هٿرادو طور سٽي ٽو فيڊر تي غير قانوني طور ڊي فٽنگس ٺاهي 16 ڪلاڪ کان وڌيڪ لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، بجلي بندش سبب ڪاروبار ٺپ ٿي ويو آهي، ڪير دانهن ٻڌڻ وارو ناهي، نوٽيس وٺي انصاف ڪيو وڃي.