لوڊشيڊنگ، ڪاغذي شجرڪاري مهم ۽ گرمي پد

0
151
هڪ ئي ڏينهن دهشتگردي ۽ ٻڙڌڪ مچائيندڙ ‘خط’
ڀنگ خاطر اغوا جون وارداتون ۽ سنڌ پوليس

سج ته اتي جو اتي آهي، پر جنهن نموني اهو باهه وَسائي رهيو آهي، تنهن کي ڏسي محسوس ائين ٿو ٿئي ته ڄڻ سج نيزي پاند لهي آيو هجي. سنڌ ۾ شديد گرميءَ ماڻهن جون مَتيون مُنجهائي ڇڏيون آهن. ان اذيت کي ويتر سرس ۽ سوايو بجليءَ جي ورڇ ڪندڙ ڪمپنين حيسڪو، سيپڪو ۽ ڪي- اليڪٽرڪ سڄي سنڌ ۾ اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ذريعي ڪري ڇڏيو آهي، بجليءَ جي اڻ اعلانيل بندش جي ڪري سموريون شهري سهولتون معطل ٿي وڃن ٿيون. پاڻيءَ جي سپلاءِ بند ٿي وڃي ٿي. بجلي نه هئڻ ڪري ڊرينيج سسٽم ڪم نٿو ڪري، جنهن ڪري گٽر اٿلي ٿا پون ۽ وسنديون غلاظت ۽ بدبُوءِ جي ڀاڪرن ۾ اچيو وڃن، پر مجال آهي جو ماڻهن جو جيئڻ جنجال بڻائيندڙ بجلي ڪمپنين جي وس وارن کان پڇاڻو ڪيو وڃي!

هونئن ته وڌندڙ گرمي پد عالمي مسئلو آهي، ۽ دنيا ماحول جي ان تبديليءَ سان مطابقت پيدا ڪري زندگي گذارڻ جا گس جوڙي رهي آهي. وڌي پئماني تي وڻ پوکيا پيا وڃن، گرين هائوس گئسن جي اخراج جي ڪميءَ لاءِ دنيا پتوڙي رهي آهي، فوسل ٻارڻ کي گهٽائي متبادل توانائيءَ جي استعمال ڏانهن ڌيان ڏنو پيو وڃي، پر پاڪستان ۾ اسان جي حڪمرانن جي ترجيح اها نه آهي. هتي ته “بلين ٽري سونامي” منصوبي جو اعلان ته ٿئي ٿو پر  اهي وڻ به ڪاغذن ۽ سرڪاري رڪارڊ ۾ پوکجن ٿا. سنڌ وڌندڙ  گرمي پد سبب گهڻي متاثر آهي. هتي پهرين ته ڌاڙيل ختم ڪرڻ جي نالي ۾ سنڌ جا ٻيلا وڍرايا ويا ۽ پوءِ منظم رٿابنديءَ سان اهي زمينون با اثر ماڻهن جي قبضن ۾ اچي ويون. توڙي جو ٻيلن جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ عدالتي حڪم موجود آهي، پر ان جي باوجود قبضا ختم ٿي نه سگهيا آهن، ۽ ڪجهه قبضا ختم ٿيا آهن ته اهي به صرف ڪاغذن ۾. اصل ڳالهه صرف قبضا ختم ڪرائڻ جي نه پر ٻيلن جي ان زمين تي ٻيلا/وڻ پوکرائڻ جي آهي. ٻيلن جي زمين تي قبضا ڪندڙن جي جيڪا ڪجهه وقت اڳ لسٽ جاري ٿي هئي، انهن ۾ اڪثريت انهن ماڻهن جي هئي، جيڪي اختيار ۽ اقتدار جي ايوانن ۾ آهن. هڪ ته ٻيلا وڍرائي سنڌ کي ڀڙڀانگ بڻايو ويو آهي، جيڪا زمين باقي آهي، ان تي به وڻ پوکڻ جي ضرورت محسوس نٿي ڪئي وڃي. هر سال سرڪاري طرح “شجرڪاري مهم” جو ته اعلان ڪيو وڃي ٿو پر گهڻي ڀاڱي صرف فوٽو سيشن ئي ٿين ٿا يا وري وڻ پوکي وساريا وڃن ٿا، انهن جي سار سنڀال ۽ آبياري نٿي ٿئي. سنڌ جو ٻيلو کاتو ته عوام جي ٽيڪسن جي ناڻي تي چٽي بڻجي پيو پلجي.

هونئن ته ماحول جي گدلاڻ ۽ وڌندڙ گرمي پد سڄي دنيا ڏانهن دوزخ جي دري کولي ڇڏي آهي پر سڄي ملڪ وانگر سنڌ به ان جي شديد تپش محسوس ڪري رهي آهي. ان وايون بتال ڪندڙ گرميءَ جي شدت کي مهميزون بجلي ڪمپنيون اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ذريعي هڻي رهيون آهن. هنن شديد گرميءَ جي ڏينهن ۾ بجليءَ جي بندش سان ماڻهو ته اذيت ۾ آهن ئي، پر ان جا اثر گهڻ رخا آهن. هڪ ته مڇرن جو آزار، وري جي پاڻي به بند ٿي وڃي ته وڌيڪ مسئلا ٿين ٿا. ڊرينيج سسٽم نه هلڻ جي ڪري گٽر اٿلي پون ٿا، جنهن ڪري بيمارين جي ڦهلاءَ جا امڪان وڌي وڃن ٿا. ان کان سواءِ هن وقت امتحانن جي موسم هلندڙ آهي. ٻيو ته اسپتالن ۾ آپريشن متاثر ٿين ٿا. ڪاروبار متاثر ٿئي ٿو. ماڻهن کي بجلي نٿي ملي پر واڌو بل باقاعدگيءَ سان ملندا رهن ٿا.

جيئن گرميءَ ۾ اضافو ٿيندو وڃي، تيئن تيئن اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۾ پڻ واڌ ايندي وڃي. بجلي ڪمپنيون عوام لاءِ آزار بڻيل آهن. ان ڪري سنڌ جي منتظمين کي ماڻهن جي واهر لاءِ اڳتي اچڻ گهرجي ۽ اهو معاملو پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزارت وٽ اٿارڻ گهرجي. سنڌ مان بجليءَ جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ختم ڪرائي وڃي. عوام جو احتجاج وڌيو ته سنڌ جي منتظمين لاءِ به امن امان جو مسئلو پيدا ٿي سگهي ٿو. ساڳئي وقت ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ختم ڪرائي وڻ پوکيا وڃن، شجرڪاري مهم فوٽو سيشن تائين محدود هجڻ نه گهرجي، تڏهن ئي اسان وڌندڙ گرمي پد جي مسئلن کي منهن ڏيئي سگهون ٿا.