لنڊن (انٽرسٽنگ نيوز) ڪجهه ماڻهو جنن جي وجود تي يقين رکن ٿا ته ٻيا ان کي رڳو افسانو چون ٿا. پر هاڻ هڪ آمريڪي ڇوڪري ان حوالي سان اهڙي دعويٰ ڪري ڇڏي آهي ته جنهن جنن جي وجود تي يقين نه رکندڙن کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڊيلي اسٽار موجب اتر ڪيرولينا جي رياست وليمنگٽن جي رهواسڻ 31 سالن جي ريبيڪا جو چوڻ آهي ته مان جنن جي گائيڊ آهيان ۽ روزانو جنن سان ڳالهيون ڪندي آهيان. ربيڪا چوي ٿي ته جن هن جي پاڙيسرين جيان آهن. ربيڪا جو چوڻ آهي ته جنن سان جاڳائڻ لاءِڇهين حس کي جاڳائڻ ڪو سولو ڪم ناهي ان کان اڳ جنن جو اعتماد حاصل ڪرڻو پوندو آهي پوءِ اهي توهان سان رابطي لاءِ تيار هوندا آهن. سندس چوڻ آهي ته هاڻي هو نه رڳو جنن سان ڳالهائي ٿي پر کيس جن ڏسڻ ۾ به ايندا آهن. خصوصي انٽرويو ۾ ربيڪا چيو ته منهنجو ننڍپڻ کان ئي روحن سان تعلق رهيو آهي، جيڪو هاڻي ايترو مضبوط ٿي ويو آهي جو منهنجو جنن سان روزانو رابطو هوندو آهي. ڪڏهن ڪڏهن مان پنهنجي گهر مان نڪرندي آهيان ۽ هڪ جن اتان گذرندو آهي ۽ مان اتي ساڻس ڳالهائيندي آهيان. ھاڻي جن مون لاءِ ھلندڙ ماڻھن وانگر آھن، منھنجي پاڙي ۾ رھندڙ ماڻھن وانگر لڳندا آهن.