لنڊن(دلچسپ نيوز) لنڊن ۾ صاف شفاف آسماني سوئمنگ پول تيار ڪيو ويو. پرڏيهي خابرو اداري جي رپورٽ موجب لنڊن ۾ اسڪائي پول نالي سان هڪ خوبصورت سوئمنگ پول پلاسٽڪ سان تيار ڪيو ويو آهي. نائن ايلمز بزنيس ڊسٽرڪٽ ۾ اهو سوئمنگ پول ٻن عمارتن جي وچ۾ ٺاهيوويو آهي. ٻنهي عمارتن جي وچ ۾ 115 فوٽ اوچائي تي ٺاهيل سوئمنگ پول تفريح جومرڪز بڻيل آهي جڏهن ته سوئمنگ پول جي ڊيگهه 82 فوٽ آهي ۽ ان ۾ 48 هزار گيلن پاڻي جي گنجائش موجود آهي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اسڪائي پول جون ڀتيون ۽ فرش پهرين آمريڪي رياست ڪولوراڊو جي هڪ ڪارخاني ۾ ٽڪرن جي صورت ۾ تيارڪيون ويون.