ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) برطانيه مان چوري ٿيل گاڏي ڪراچي مان هٿ اچڻ واري ڪيس ۾ جاچ آفيسر عبوري چالان ڪسٽم ڪورٽ ۾ پيش ڪري ڇڏيو آهي. پيش ڪيل چالان ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪيس ۾ ٻه جوابدار نويد يامين ۽ محمد سهيل گرفتار آهن، جوابدارن تي ٽيڪس ڊيوٽي جي مد ۾ 300 ملين رپين جي چوري جو الزام آهي، جوابدارن ڪسٽم قانونن ۽ سفارتي استثنيٰ جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي ۽ ڄاڻايل گاڏي سفارتي ڇوٽ جي آڙ ۾ ٽيڪس ڊيوٽي چوري جي مقصد لاءِ برآمد ڪئي وئي آهي. چالان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جوابدار هڪ سنڊيڪيٽ سفارتي مراعات ۽ زيرو ڊيوٽي ٽيڪس جي درآمد ۾ملوث آهن. شفيع نالي شهري 37.5 ملين رپين ۾ خريد ڪئي، جيڪا گاڏي جي اصل قيمت جو هڪ حصو آهي. سنڌ ايڪسائيز اينڊ ٽيڪسيشن ڊپارٽمينٽ گاڏي بلغاريه جي ان وقت جي سفير اليگزينسر بوريسوف جي نالي تي رجسٽرڊ ڪئي هئي، دستاويزن جي تصديق کانسواءِ گاڏي رجسٽر ڪرڻ ۾ ايڪسائيز عملدارن جي ڪردار جي جاچ هلي رهي آهي. گاڏي بلغاريه جي سفير جي نالي تي 11 نومبر 2019ع تي هڪ استثنيٰ سرٽيفڪيٽ جي بنياد تي درآمد ڪئي وئي. بلغاريه جو اڳوڻو سفير سيپٽمبر 2019ع ۾ پاڪستان آيو ۽ سيپٽمبر 2020ع ۾ واپس هليو ويو هو. بلغاريه جي سفارتخاني سفارش ڪئي هئي ته گاڏي ضبط ڪئي وڃي ڪٿي ان جو غلط استعمال نه ٿئي ۽ گاڏي سفارتخاني جي قبضي ۾ نه هئڻ سبب ڊي رجسٽرڊ جو به چيو ويو هو. يامين بروڪر نويد بلواڻي ذريعي شفيع نالي شهري کي گاڏي وڪرو ڪئي هئي. چالان ۾ چيو ويو آهي ته بلغاريه جي سفارتخاني جي ملازمن سان جوابدار يامين جي وابستگي بابت شڪ آهي ۽ سمورا ان ڏوهه ۾ برابر جا شريڪ آهن.