ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم جي ڪنوينر ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي چيو آهي ته برطانوي ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ الطاف حسين جو موقف رد ڪيو آهي، الطاف حسين جي رھائشگاھه سميت سموري پراپرٽي ايم ڪيو ايم پاڪستان حوالي ڪئي وئي آھي، اها  شھيدن ۽ اسيرن جي امانت آھي،  جيڪا سندن ڪيسن جي حوالي سان استعمال ٿيندي،  ڪالهه پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ھاڻي صرف ايم ڪيو ايم پاڪستان ئي ايم ڪيو ايم آھي، باقي ڪو به ڌڙو ناھي، لنڊن  وارين ملڪيتن  جو  ھڪ حصو عمران فاروق جي بيواھ کي ڏنو ويندو،  باقي پئسا شھيدن ۽ اسيرن جي مائٽن کي ڏنا ويندا، ڊاڪٽر فاروق ستار چيو ته اسان ھڪ انڊومينٽ فنڊ قائم ڪنداسين، جڏهن ته لنڊن مان وڪيل نذر فون تي ڳالهائيندي چيو ته عدالتي فيصلي مطابق الطاف حسين جو ھاڻي انھن ملڪيتن تي ڪو به حق ناھي