لنڊن: (رپورٽ: مير ٽالپر) لنڊن جي سنڌي ڊاڪٽرن پروفيسر ڊاڪٽر عبداللطيف سومرو ۽ ڊاڪٽر علي گل ميتلو دعويٰ ڪئي آهي ته لياقت ميڊيڪل اينڊ هيلٿ سائنسز وٽ ڪورونا وائرس کان بچاءَ جي ويڪسين ٺاهڻ جي صلاحيت آهي. هنن چيو ته لمس ۾ ماليڪيولر بايولاجي جي ڊپارٽمينٽ ۾ گهربل اوزار ۽ تربيت يافته هيومن رسورس موجود آهي. ويڪسين ٺاهڻ لاءِ ڪجهه اضافي اوزارن جو بندوبست ڪري اتي ويڪسين ٺاهي سگهجي ٿي. نه رڳو ڪورونا پر ٻيون به ڪيتريون ئي ويڪسين ٺاهي سگهجن ٿيون. ڇاڪاڻ جو اڪثر ويڪسين ٺاهڻ جو سائنسي عمل ۽ اصول ساڳيا ئي آهن. ان ڏس ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف يورپ جي صدر ڊاڪٽر علي گل ميتلي چيو آهي ته يوڪي ۽ يورپ جي مختلف تحقيق ڪندڙ ادارن سان سهڪار ڪري سگهجي ٿو ۽ لياقت يونيورسٽي کي اڳ ئي انهن ڪجهه ادارن سان جوڙي رکيو ويو آهي ۽ ڪورونا ويڪسين ٺاهڻ جي سلسلي ۾ جيڪو گهربل فني ۽ تربيتي سهڪار سنڌ حڪومت ۽ مقامي اسپتال کي گهربل هوندو اهو به برطانيه جا سنڌي ڊاڪٽر بندوبست ڪري ڏينداسين. هنن چيو ته سنڌي سائنسدان دنيا جي نالي واري ادارن ۾ پنهنجون پيشيوراڻيون ذميواريون نڀائي رهيا آهن، جيڪي سنڌ جي ادارن جي واڌاري ۽ ترقي جي لاءِ پنهنجي خدمتون رضاڪارانه طور تي ڏيڻ لاءِ تيار آهن. سنڌ ۾ ڪيترائي بهترين ادارا هن وقت ڪم ڪري رهيا آهن. جن ۾ ايس آءِ يو ٽي، اين آءِ سي وي ڊي، جي پي ايم سي، گمبٽ اسپتال ۽ ايل ايم سي جي اکين جي اسپتال عالمي معيار جا ادارا آهن، ساڳي ريت لياقت اسپتال به 1882ع کان قائم آهي. پاڪستان جي پهرين ميڊيڪل يونيورسٽي آهي ۽ پنهنجي تاريخ انفرا اسٽرڪچر، مهارت ۽ گهربل اوزارن سان ليس آهي ۽ اتي ويڪسين ٺاهڻ جو پروگرام آساني سان لانچ ڪري سگهجي ٿو. هونئن به ويڪسين ٺاهڻ جا سائنسي طور تي طريقا هينئر وڌيڪ آسان نڪري آيا آهن. دنيا جي پنجاهه کان وڌيڪ سينٽر اڳ ئي ويڪسين ٺاهي چڪا آهن. ان ڏس ۾ سنڌ حڪومت کي به اڳيان اچڻ گهرجي ۽ ايندڙ وقت لاءِ رٿابندي ڪندي ڪورونا وائرس کان بچاءِ واري ويڪسين جي تياري شروع ڪرڻ گهرجي.