لــــڏيــو لـــطـيــفــن، پـــلاڻــي پــنــڌ پــيـا!

0
124
ٿر ۾ قتل ٿيل معصوم هرڻن جو نوحو!

عمرڪوٽ جي تاريخي ۽ ثقافتي خطي جي خوشبودار مٽي مان ڳوهيل ڪيئي املهه انسان پيدا ٿيا آهن، جن ويجهي ماضي ۾ پنهنجي غيرمعمولي ڪردار ذريعي سماج ۾ مثبت ۽ انسان دوست لاڙا پيدا ڪيا. انهن کي جيڪڏهن ياد ڪجي ٿو ته سيٺ ٽيڪم ، ڊاڪٽر هرچند راءِ، رئيس الهداد خان کوسو، غلام محمد کوسو، خليفوشهيد فقير امين مڱريو، حاجي ولي محمد مڱريو، فقير حاجي جادم مڱريو، خليفو عبدالله فقير مڱريو مرحوم، ميان عبدالله اڪبري ۽ ميان عبدالخالق کان ميان حاجي خالد ولهاري تائين،  حاجي محمد راول ورياماڻي، خانصاحب عبدالڪريم پلي، ولي محمد وفا پلي، معمور يوسفاڻي، قاضي محسن پلي ڊيٻو،فقير رمضان مڱريوصاڀي وارو، فقير فتع محمد مڱريو، الهرکيو پلي ساڍر، عبدالرزاق ڪنڀار ساڍر، سيد شاهمراد شاهه کاروڙو سيد، سيد مظفر حسين شاهه، سيد علي مردان شاهه مرحوم، خليفو عبدالحئي جوڻيجو، ٻاروچو فقير راڄڙ، حاجي غلام محمد مڱريو، عبدالواحد سومرو، ڊاڪٽر عبدالحفيظ هاليپوٽو، ترڪو فقير مڱريو سميت ڪيترائي املهه انسان آهن جيڪي اسان جي خطي جي تاريخ جي نراڙ جوجهومر آهن، جن جو نالووٺندي فخر ٿيندوآهي.

عمرڪوٽ ضلعي جي هڪ مهان شخصيت حاجي خان محمد مڱريي  جو جنم 1939ع  ۾  محمد مُبين جي گهر ۾ ٿيو ، پاڻ سندن خانداني ڪسمپرسي جي ڪري مشڪل حالتن ۾ تعليم حاصل ڪئي. وقت جي ڏکين حالتن کي منهن ڏنائون. حاجي صاحب  بنيادي طور تي ڪاروبار ڪري پنهنجي  گهر جي اهنجن کي گهٽائڻ جي لاءِ ڍوروناري شهر ۾ دڪان کوليائون، اُتي ڪيترن ئي سالن تائين حاجي عالم ڀٽي اهو دڪان  وڏي ايمانداري سان هلايو. انهي زماني ۾ دڪان تان ڪيترن ئي مسڪين ۽  معاشي طور بدحال ماڻهن کي گهر جو سيدو سامان خاموشي سان پهچايو ويندو هو. حاجي عالم هن وقت به حال حيات آهي، سندن سيني ۾ حاجي خان محمد مڱريي جي سماجي خدمتن جون ڪيئي ساروڻيون دفن ٿيل آهن. حاجي صاحب پهريون ڀيرو 1979ع کان 1983ع تائين  ٽائون ڪاميٽي ڍوروناري جو چيئرمين چونڊجي آيو، ان بعد 1983ع کان 1986ع تائين ٻيهر پڻ  ٽائون ڪاميٽي جو چيئرمين رهيو. اڳتي هلي حاجي صاحب اولڊ بوائز ائسوسيئشن  نالي سماجي تنظيم جو بنياد رکيو،  جنهن جو مقصد مسڪين ۽ پورهيت طبقي جي خوشحالي ۽ ترقي لاءِ جدوجهد ڪرڻ هو. جنهن ۾  علائقي جي نوجوانن کي شامل ڪيو ويو. حاجي صاحب پنهنجي ساٿين جي سهڪار سان تنظيمي پليٽ فارم  تان مقامي توڙي ٿر جي غريب ۽ بي پهچ شاگردن کي هاسٽلن ۾ رهائي تعليم جي حاصلات لاءِ سندن ڀرپور مدد ڪئي. اڄ سنڌ جي مثالي شخصيت حاجي خان محمد مڱريي جي وفات جو ڏينهن آهي تنهن ڪري سندن خدمتن جي حوالي سان کيس ياد ڪريون ٿا ۽ خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ جي ڪوشش ڪجي ٿي.

 پنهنجي طبيعت ۾ انتهائي نفيس ۽ ماٺيڻو هو، جڏهن ڳالهائيندو هو ته سندن شيرين  زبان جو سواد اهڙو هوندو هو جو ماڻهن ۾ هُن پنهنجو جُدا مقام ٺاهيو. هو رشتن جي مفاصلي کي مختصر ڪري ڳانڍاپي جون ڳنڍيون ڏيڻ جو قائل هو، هُن کي يقين هوندو هو ته رشتا رڳو رت جا ناهن ٿيندا پر روح جي تعلق جون تندون ئي من کي موهينديون ۽ تن کي تنوارينديون آهن سو هُن دُنيا ۾ دِلين جي ڌرتي تي احساساتي رشتن جو ٻڄ پوکيندو ويو. حاجي خان محمد مڱريي جي شخصيت ته گهڻ پاسائين آهي، سندن سموريون خوبيون ۽ خدمتون هڪڙي لکڻي ۾ پيش ڪرڻ مون جهڙي ادنيٰ ماڻهو جي وس ۾ ئي ناهي! تنهنڪري مون پنهنجي ٻالڪپڻي واري زماني ۾ مرحوم کي جيئن ڏٺو ۽ ڪچهرين ۾ خان محمد صاحب جي باري ۾ جيڪي ڳالهيون ٻڌيون ته انهي بنياد تي ڪجهه لکڻ جي جسارت ٿو ڪريان، شال قبول پوي! اهڙين عظيم شخصيتن جو تعارف ڪنهن هڪڙي مخصوص نڪته نظر سان ڪرائي نه ٿو سگهجي، حاجي صاحب دينداري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو “ جو دم غافل، سو دَم ڪافر”  حاجي صاحب پنهنجي ٻالڪپڻ کان حياتي جي آخري وقت تائين پنهنجي دم کي دين سان سلهاڙي رکيائون،  آڌي يا اسُر جو ڊگهيون مسافتون ڪري گهر پهچي به صبح جو پنهنجي ڳوٺ جي مسجد ۾ پاڙي جي ٻارن کي قرآن پاڪ جو درس ڏيڻ کي اولين فرض سمجهندو هو. منزلن جو هي مُتلاشي ماڻهو هميشه منزلن جو مسافر رهيو، حياتي ۾ ڪيئي پنڌ ڪيائين ۽ ڪيترن ئي پيچرن تان سندن گذر ٿيو مگر حاجي صاحب ڪڏهن به ٿڪجي ساهي نه پٽي.! خليفي نبي بخش قاسم جي شاعري ۾؛

ويــهـه مَ کــڻج وِک، هَـــل ته مـــليــن هــوت کي

ڏکـئون چـڙهندينءَ ڏِک، سيج پسندين سسئي.

حاجي صاحب پنهنجي ڳوٺ توڙي جو ڍوروناري شهر کان ويندي ٿر جي مارو ماڻهن جو مصيبتن، ڏکن، تڪليفن ۾ ته ڀرجهلو ٿيندو هو پر شادين مُرادين ۽ خوشين ۾ به ڊگها پنڌ ڪري شريڪ ٿيندو هو، ماڻهو کيس وڏي پيار ۽ پاٻوهه سان ڀليڪار ڏيندا هئا. حاجي صاحب جي گفتار ۾ مٺاس هوندي هئي، جهيڻي آواز ۾ ڳالهه ٻولهه ڪرڻ سندن سمورين خوبين مان هڪڙي خوبي هُيس، ٻي ماڻهو جي ڳالهه دِل جي ڪنن سان ٻڌي غور ڪرڻ بعد وراڻي ڏيندو هو. حاجي صاحب اهل دِل هجڻ سان گڏ اهل دانش ۽ اهل فڪر پڻ هو جو پاڻ ڪيترن ئي راڄوڻي فيصلن جو امين هوندو هو، فيصلي ۾ ڪڏهن به جذباتي نه ٿيندو هو نه ڪڏهن تڪڙ ڪري ڪا ڳالهه ڪندو هو جنهن سان ڪنهن جي دِل آزاري ٿئي يا ناانصافي ٿي وڃي! تنهنڪري وقت جي وٿي کي صحيح فيصلي ڪرڻ جووکر سمجهيائون، اهو ئي سبب هو جو حاجي صاحب پير سائين پاڳاري جي جماعت کان ٻاهر ٻين بردارين ۽ راڄن جي تڪرارن يا سڱاپتين جي جهيڙن جي نبيري لاءِ به قاضي جي حيثيت سان ويندو هو. جتي به ويندو هو اُتي کيس محبت، عزت ۽ مان ملندو هو.حاجي صاحب ته ٿر ۽ بئراج جي لکين ماڻهن جو سنگم هو، جنهن جي آشرم تي ٻنهي خطن جا ماڻهو موجود هوندا هئا،

تنهنڪري اهو چئي سگهجي ٿو ته حاجي خان محمد مڱريو پراڻي هاڪڙي مثل هو، جنهن جا پيرا اڄ به ليڪجين پيا!  ۽ هاڪڙي جيان هن قلندر صفت انسان پنهنجي خلقِ خدمت واري جذبي ۽ محبت سان ٿر ۽ ناري پٽ جي پٽيلن ۽ نوابن سميت غريبن ۽ مسڪينن انسانن کي سيراب ڪيائون. فرق صرف اهو آهي ته بنجر ۽ سوڪهڙي جو شڪار لکين ايڪڙ زمينون هاڪڙي جي يادگيري ڏيارين ٿيون! اڄ سُکيا،خوشحال، باروزگار هزارين خاندان حاجي خان محمد مڱريي جي ياد ڏياريندا آهن!؟حاجي صاحب سماجي ترقي لاءِ هميشه ڪوشان رهيو، مسڪين، پيڙهيل ۽ نظراندازطبقي کي سگهارو بڻائڻ لاءِ معاشي طور تي اڳڀرو ڪيائون، نه صرف روزگار پر انتهائي ڪسمپرسي ۽ مفلسي جهڙين بدترين حالتن ۾ زندگي گذاريندڙ ماڻهن جي ٻچن کي پڙهائڻ لاءِ پنهنجو فريضو ادا ڪيائون. حاجي صاحب هتي جي ماڻهن کي پنهنجي اولاد کي تعليم ڏيارڻ جي لاءِ همٿايو ۽ پاڻ انهن جو مددگار بڻيو. ماٺ ۾ ڪيترن ئي مسڪين خاندانن جي مالي مدد ڪندو هو، بيواهن، يتيمن ۽ بي يارو مددگار انسانن جو ڀرجهلو هو. سندن هن قسم جي ڪردار مخفي انهي ڪري به رهيو جو مرحوم حاجي صاحب ڀرم رکڻ جو قائل هو، هن وٽ ڪا ڊائري ۽ اسٽاڪ رجسٽر ڪونه هو، سندن ويلفيئر ۽ چيئرٽي گهڻو ڳجهي هوندي هو جو سندن فرزندن کي پتو نه هوندو هو. حاجي صاحب جي وڇوڙو اسان سڀني جي لاءِ وڏو نقصان آهي ،

سندن هن دُنيا مان موڪلاڻي هڪڙي فاني دُنيا کان ٻي ابدي دُنيا ڏانهن روانگي آهي. حاجي صاحب جي رحلت بعد به اهو مشن ۽ فڪر، جنهن جو مقصد انسانيت جي خدمت آهي، اهو سلسلو اڄ به هلي پيو. حاجي خان محمد مڱريو مرحوم وزنري انسان هو، هن سماجي جمود کي ٽوڙي هيڻن کي سگهارو ڪرڻ ۽ راڄن کي ميڙي مٺ ڪرڻ لاءِ عزم ۽ ارادو ڪيو هو،انهي جي مقصد جي حاصلات لاءِ سڄي زندگي پاڻ پتوڙيو ۽ اصولن جي بنياد تي هن سماجي ترقي جو سفر شروع ڪيو.حاجي صاحب جي ڇڏيل ميراث ڏکي ۽ پيڙهيل انسانيت جي خدمت جو هڪڙو تسلسل آهي۔ انهي ڇڏيل واٽ تي سندن اولاد ۽ اسان ڪيترو پنڌ ڪيو آهي، اهوجائزو وٺڻ جي ضرورت انهي ڪري به آهي جو روشن مستقبل جي رٿابندي تڏهن ٿي سگهي ٿي جڏهن اسان ماضي جي شاندار يا تلخ تجربن، ڪردارن، نتيجن، ڪاميابين ۽ ناڪامين جو ايماندارانه تجزيو ڪنداسون. حاجي صاحب جي شخصيت ۽ ڪردار تي هڪڙو ڪتاب ٻه ڏهاڪا اڳ ڇاپيو ويو هو، ڏهه سال اڳ اسانجي دوست حافظ مهراڻ ڪتاب ترتيب ڏنو هو، اڄ تائين اهو ڪتاب ڇپجي ناهي سگهيو، منهنجي خيال ۾ ڪتاب ڇپرائڻ کپي، او بي اي کي اها ذميداري کڻڻ کپي

اڄ اوٺارن لڏيو، صبح تو سعيو،

ســـفر ســافِرن کـــي، اوچــتو آيـــو،

مهند ميڙائو موٽي ڪو مَس ٿئي. (خليفو صاحب)