لعلورائنڪ (رپورٽ:پرويز خاصخيلي) لعلورائنڪ ۾ جاري لعلو ڪنگ سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جو ٻيون سيمي فائنل ڪنگ زلمي کٽي ورتو. اِن ڏس ۾لعلو ڪنگ سپر ليگ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي ٻئي سيمي فائنل ۾ ڪنگ زلمي ۽ ڪنگ اليون ۾ سخت مقابلو ٿيو. ڪنگ اليون پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 10 اوررن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ ڪنگ زلمي جي اوپنر حنيف مغيري16 ڇڪن جي مدد سان 28 بالن تي ناقابل شڪست سينچري مڪمل ٽيم کي 8.4 اوورن ۾ فتح حاصل ڪرائي. اهڙي ريت ڪنگ زلمي فائنل لاءِ ڪواليفاءِ ڪري ورتو.