لعلورائنڪ (رپورٽ: پرويز علي خاصخيلي) لعلورائنڪ ۾ پيچوها سپر ليگ 3 جي فائنل ۾ پيچوها گليڊي ايٽرز ۽ پيچوها ٽائيگرز آمهون سامهون ٿيا. ڳوٺ پيچوها ۾ پيچوها سپر ليگ 3 جي فائنل ۾ پيچوها گليڊي ايٽرز جي ڪپتان ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ جو فيصلو ڪيو، مقرر 8 اوورن ۾ 69 رنسن جو ٽارگيٽ ڏنو، جواب ۾ پيچوها ٽائيگر 7 اوورن ۾ 8 وڪيٽن تان ميچ پنهنجي نالي ڪري ورتي. پيچوها ٽائيگر جو عامر بروهي 40 ٺاهي نمايان رهيو، نياز حسين پيچوهو ۽ طارق پيچوهو ونر ۽ رنر ٽيم کي انعام ڏنا، جڏهن ته بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي عامر بروهي کي مين آف دي ميچ قرار ڏنو ويو، محمد بروهي مين آف دي سيريز جو انعام ڏنو ويو.