لعلو رائنڪ: پراڻي تڪرار تان هٿياربندن هٿان نوجوان قتل

0
310

لعلورائنڪ: ڳوٺ ميان رتو ۾ سولنگي، مغيري برادريء وچ ۾ زرعي زمين جي معاملي تان هلندڙ پراڻي تڪرار تان اڄ ڳوٺ ميان رتو تي مغيري برادري جي 20 هٿياربندن فائرنگ ڪري هڪ ڳوٺاڻي 21 ورهين جي نوجوان فياض احمد پٽ غلام رسول سولنگي کي قتل ڪري ڇڏيو آهي. جڏهن ته فائرنگ ۾ ٻيو نوجوان 25 ورهين جو عبدالوحيد پٽ فتح محمد سولنگي گوليون لڳڻ سبب شديد زخمي ٿي پيو آهي. زخمي عبدالوحيد سولنگي کي وارھ اسپتال نيو ويو آهي. واقعي بعد ڳوٺاڻن پاران وارھ ٿاڻي تي اطلاع ڏنو ويو.