لعلورائنڪ (رپورٽ: علي عباس جمالي ) لعلورائنڪ جي خاصخيلي پاڙي ۾ پورهيت علي بخش ٿهيم پاران مبينا طور زهريلي دوا پي خودڪشي ڪرڻ واري معاملي نئون رخ اختيار ڪري ورتو آھي،ناهيد خاتون ميڊيا اڳيان دانهيندي الزام هنيو ته مير محمد عرف ميرل ٿهيم ناجائز تعلقات رکڻ لاءِ زور ڀريندو هو، اهڙي دانهن مڙس کي ۽ برادري وارن کي ڏني هئي. هن چيو ته مير محمد عرف ميرل ٿهيم گهر اچي پسٽل ڏيکاري زبردستي ڪرڻ آيو، رڙين تي پاڙي وارا پهچڻ تي ڀڄي ويو.اهڙي خبر پوڻ تي مڙس ذھني دٻاءُ برداشت نه ڪندي زهر پي خودڪشي ڪري ڇڏي. هڪ سوال جي جواب ۾ ناهيد چيو ته مڙس پورهيت ۽ سادي طبعيت جو ماڻھو هو ۽ حراسان ڪندڙ ميرل بااثر ماڻھو آھي، تنهن ڪري هن اهڙو قدم کنيو. فوتي پورهيت جي امڙ آمنه خاتون چيو ته ننهن جي رڙين تي پهتس ته ميرل پسٽل سوڌو فرار ٿي ويو. ميرل پٽ جي خودڪشي جو ذميوار آھي، کيس فوري طور گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.اهڙي واقعي جي اين سي لعلورائنڪ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي.